10 پیر , دسمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: ڪوٽڙي جي ميونسپل ڪميٽي جي ڪچن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Hyderabad: Municipal committee protest*حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي جي ميونسپل ڪميٽي جي صفائي ڪندڙ عملي جي ڪچن ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ملازمن ونود، توحيد، چاند، مريم، شاهده، شبانا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي ملازمن چيو ته هو  10 سالن کان ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي ۾ ڪچن ملازمن طور  ڪم ڪري رهيا آهن پر کين  پڪو ڪرڻ بجاءِ بنا جواز نوڪري مان نيڪالي ڏني  وئي  آهي.

هنن چيو ته  محرم الحرام دوران کانئن  ڊيوٽيون ورتيون ويون پر ان جو به ڪو حساب نه ڏنو ويو .

احتجاج ڪندڙ  ملازمن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته  رهيل پگهار ڏئي کين ٻيهر نوڪري تي بحال ڪيو  وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ٺٽو: سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف، ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

ٺٽي سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪ ڌڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے