11 منگل , دسمبر 2018

شهيد بشير خان قريشي ڪيس جي پاڻ هرتو ٻڌڻي…

شهيد بشير خان قريشيءَ جي مرتئي کي هاڻي ڇهه سال پورا ٿي چڪا آهن. سنڌ  جي قومي سياسي تاريخ ۾ بشير خان قريشيءَ جو لاڏاڻو پڻ هڪ اهڙو  ئي درد ناڪ واقعو آهي جهڙو ان کان اڳ ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن  جي قتل جا ٿي چڪا آهن جن  بابت اڄ تائين ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته انهن جو قاتل ڪير آهي، ڪنهن به معاشري ۾ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ جو پراسرار نموني ٿيل مرتيو ڪو معمولي واقعو نه هوندو آهي، ڇو جو هڪ سياسي اڳواڻ سموري سماج سان لاڳاپيل هوندو آهي مجموعي طور تي معاشري ۾ هڪ سياسي اڳواڻ جو قتل سمجهڻ اهو گهرجي ته سموري معاشري جي سياسي ساڃاهه ۽ شعور جو نقصان آهي، بشير خان قريشي سواءِ ڪنهن شڪ جي سنڌي قوم جو هڪ برجستو اڳواڻ هو  جنهن پنهنجي همٿ سان سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري وقار، مَان ۽ مرتبو ماڻيو هو.

شهيد بشير خان قريشيءَ جو ڪيس ڇهه سال اڳ نواب شاهه پوليس تي داخل ڪرايو ويو هو جنهن جي پنج سالن بعد ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي عدالت ۾ پاڻ هرتو ٻڌڻي ٿي ان موقعي تي عدالت ۾ ڪيس جي پوئواري لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سينيئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر، پريس سيڪريٽري ديدار شام، ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ پهتا، عدالت جسقم اڳواڻن پاران ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، شهيد بشير خان ڪيس ۾ شهيد مقصود خان قريشي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ شهيد مقصود خان قريشي جي نه هجڻ ڪري هو پيروري ڪري نه سگهيو.

ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سول سوسائٽيءَ اڳواڻ پنهل ساريو، جيئي سنڌ تحريڪ جو قائم مقام چيئرمين عبدالفتاح چنو، جسقم مرڪزي شعبي هيومن رائيٽس جو سربراهه ايڊووڪيٽ راجا الطاف شر ۽ ٻيا موجود هئا، وڪيلن عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته 2013ع ۾ شهيد بشير خان قريشي جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ شهيد بشير خان جي ڀاءُ مقصود خان قريشي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، پر ان کان پوءِ مقصود خان قريشي کي پڻ رات جي انڌيري ۾ اغوا ڪري نوشهروفيروز ضلعي جي حدن ۾ ڪيميڪل هاري سندس ساٿي سلمان وڌو  سان گڏ ساڙي شهيد ڪيو ويو هو، هاڻ ڪيس ۾ ان جو پٽ ۽ پارٽي ڌر ٿيڻ چاهين ٿا ان لاءِ عدالت کين ڪيس ۾ ڌر  بڻائي.

جڏهن جسقم پاران موقف اختيار ڪيو ته جسقم چيئرمين ۽ سندس والد بشير خان قريشي کي شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ هڪ سازش تحت زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو هو، جنهن جي قتل ڪيس جي پوئواري ڪندڙ سندس چاچي شهيد مقصود قريشي کي پڻ سندس ساٿيءَ سان گڏ شهيد ڪيو ويو آهي، هاڻ اسان ڌر بڻجڻ چاهيون ٿا، عدالت درخواست منظور ڪري ورتي، واضح رهي ته جسقم جي پهرين درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته شهيد بشير خان قريشي جي جسم جي جزن جي چڪاس ۽ ڪيس جي جاچ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪيس جيان پرڏيهي ملڪن جي ماهرن تي ٻڌل بورڊ کان ڪرائي وڃي.

ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي هاءِ ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ماما يوسف لغاري، اندر جيت لوهاڻو، راجا الطاف شر، محمد هاشم لغاري، ڪي بي لغاري، مير احمد منگريو جي اڳواڻي ۾ ٻين وڪيلن عدالت ۾ اڳواڻن کي ڌر بڻائڻ جي درخواست داخل ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻيءَ کانپوءِ عدالت ٻاهران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتن مان انصاف جي اُميد نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ ته شهيد بابا جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ئي اسان ٿاڻن ۽ ڪورٽن جا ڪيترائي پنڌ ڪرڻ سان گڏ احتجاج پڻ ڪيا هيا تنهن هوندي به شهيد بابا جو قتل ڪيس داخل نه ڪيو ويو، ان جي باوجود اسان پنهنجي طرفان عدالتن ۾ شهيد بابا جي ڪيس جي قانوني طور تي ڀرپور مالڪي ڪنداسين.

شهيد بشير خان  قريشيءَ جو مرتيو اڃان تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهي، کيس زهر ڏئي قتل ڪرڻ وارو عمل اهڙو ته ڪارائتي نموني ڪيو ويو هو جو مانيءَ جي اها دعوت جنهن ۾ کيس زهر ڏنو ويو هو، ان مانيءَ جي دعوت ۾ موت فقط بشير خان قريشيءَ کي نصيب ٿيو جڏهن ته دعوت ڪيترن ئي ماڻهن کاڌي، بشير خان قريشيءَ جي قتل جو اهو پهلو کيس قتل ڪرڻ جي هڪ باقاعده ۽ منظم سازش کي وائکو ڪري ٿو. بشير خان قريشي ڀل سنڌي عوام جي هڪ قومي اڳواڻ طور مڃتا رکندو هُجي پر هو تنهن هوندي به هن رياست جو هڪ اهم فرد آهي، ۽ رياست جي هڪ  اهم فرد هجڻ جي حيثيت ۾ اها رياست جي ذميواري آهي ته سندس قاتلن جي ڳولا لاءِ پنهنجيون آئيني ۽ قانوني ذميواريون پوريون ڪري.

بشير خان جي قتل بعد سندس پارٽي، سندس خاندان وارا ۽ سنڌي عوام جو هڪ وڏو باشعور ۽ ساڃاهه وند حلقو سندس قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ نه صرف ڪيئي دفعا ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيا پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي ته انهن مجبور ٿي عدالتن جا در کڙڪايا، تنهن هوندي به بشير خان قريشيءَ جي قتل جي ايف آءِ  آر کي داخل ٿيڻ ۾ هڪ وڏو عرصو لڳي ويو.

اخباري اطلاعن موجب جسقم چيئرمين شهيد بشيرخان قريشيءَ جي ڪيس جي ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي عدالت پنجن سالن بعد پاڻهرتو ٻڌڻي ڪئي، بشير خان جي مرتئي جو ڪيس نوابشاهه پوليس خلاف داخل ٿيل آهي، بعد ۾ عدالت شيهد بشير خان قريشيءَ جي قتل ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ سندس پُٽَ صنعان خان قريشي  ۽ سندس پارٽيءَ جي درخواست پڻ قبول ڪري ورتي.

اسين اها اميد ٿا ڪريون ته شيهد بشير خان قريشيءَ جي ڪيس ۾ نه صرف لاڳاپيل عدالت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي پر ان سان گڏو گڏ سمورا رياستي ادارا پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ته جيئن اصل قاتلن تائين پهچي انهن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ سميت هر عام ۽ خاص ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ڪنهن سازش تحت قتل ڪيو وڃي ٿو ته رياست جا سمورا ادارا پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاءِ ان جي قاتل کي ڳولي ڪڍن ۽ سزا تائين پهچائڻ لاءِ ذميوار آهن، اها رياست ۽ رياستي ادارن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ۽ انصاف وٺڻ رياست جي هر شهريءَ جو آئيني حق آهي.

جمعو 5 آڪٽوبر 2018ع، 24 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے