21 جمعرات , فروری 2019

نيوز | فيصل آباد ۾ ڳڙهي خيرو واسي شاگرد امتحان ۾ فيل ٿيڻ سبب آپگهات ڪري ڇڏيو آهي

فيصل آباد ۾ ڳڙهي خيرو واسي شاگرد امتحان ۾ فيل ٿيڻ سبب آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

فيصل آباد جي يونيورسٽي جي دروازي آڏو ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ حاصل خان جمالي واسي شاگرد سيف الله جمالي امتحان ۾ پاس نه ٿيڻ تي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

نوجوان شاگرد سيف الله فيصل آباد جي اين ايف سي يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ شعبي ۾ پڙهندو هو.

نوجوان مڙهه اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جتي سندس جنازي نماز پڙهي کيس دفنايو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته يونيورسٽي جي پروفيسر شاگرد سيف الله کي ٽي ڀيرا پرچي ۾ فيل ڪيو، جنهن تي هن آپگهات ڪيو.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي آپگهات ڪندڙ نوجوان جي چاچي ٻڌايو ته سندس ڀائيٽي آپگهات ڪيو آهي، ٻي ڪا به ڳالهه ناهي، ۽ ان واقعي جو ذميوار ڪنهن کي به نٿو ڏئي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے