20 ہفتہ , اپریل 2019

رپورٽ | ڪراچي : پيرين اگهاڙن ماڻهن جا اشوز کڻندڙ عوامي آواز سان روحاني رشتو آهي: چيف جسٽس

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمدعلي شيخ چيو آهي ته پيرين اگهاڙن ماڻهن جا اشوز کڻندڙ عوامي آواز سان سندس روحاني رشتو آهي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ جديد صحافت ذريعي سنڌ جي خدمت ڪري رهيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا “ ذيبول ” جي تقريب ۾“ عوامي آواز ” کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عوامي آواز ۽ ان جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان سندس روحاني رشتو آهي.

هن چيو ڊاڪٽر جبار خٽڪ جديد صحافت ذريعي سنڌ جي پيرين اگهاڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪري سنڌ جي خدمت ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته منهنجي مٽي ۽ وطن کي اهڙا ماڻهو به مليا آهن جن کي ڪجهه ڪرڻ جي بيچيني رهي ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته هڪ خٽڪ سنڌي ٻولي جي جديد ۽ ڪمپيوٽر تي پهرين اخبار آندي آهي.

هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو خوش نصيب آهن جن کي خدمت ڪندڙ ماڻهو مليا آهن، عوامي آواز مظلومن جو آواز بڻي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے