20 ہفتہ , اکتوبر 2018

شهباز شريف جي گرفتاري ۽ انصاف جي گهرج…

اطلاعن موجب مسلم ليگ ( ن ) جي مرڪزي اڳواڻ، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي نيب اختيارين آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، شهباز شريف جي گرفتاريءَ بابت نيب هڪ پريس بيان به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  شهباز شريف پنهنجي پنجاب جي وڏي وزير هجڻ واري دور دوران اختيارن جو غلط استعمال ڪري ڪرپشن ڪئي آهي، شهباز شريف خلاف ڪرپشن جي جن ڪيسن ۾ الزام مڙهي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن بابت نيب پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ؛

شهباز شريف پنهنجي پنجاب جي وڏ وزارت واري دور ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري آشيانه اسڪيم کي پي ايل ڊي سي مان ايل ڊي اَي شفٽ ڪرايو.  وري آشيانه اسڪيم کي ايل ڊي اَي کان  پي ايل ڊي سي واپس ڪرايو.  ان بعد وري آشيانه اسڪيم کي پيراگان ڪمپنيءَ طرف منتقل ڪرائي ان کي پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ تبديل ڪرايو.  هُن بورڊ جي اختيارن ۾ مداخلت ڪندي قانون جي لتاڙ ڪئي ۽ غيرقانوني طور تي لطيف سنز جي معاهدي کي 2013ع ۾ رد ڪرايو.

مسلم ليگ ( ن ) جو اڳواڻ ( ڪالهه ) صبح 11 وڳي آشيانه ڪيس جي سلسلي ۾ احتساب بيورو ۾ پيش ٿيو هو جتي هُن بيان رڪارڊ ڪرايو  بعد ۾ کيس حراست ۾ ورتو ويو. شهباز شريف جي گرفتاريءَ کان اڳ  نيب اختيارين جو چوڻ هو ته شهباز شريف کي اڃان گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جو ان جي گرفتاريءَ جي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان اجازت وٺڻي آهي، شهباز شريف قومي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ( ن ) جو مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي، تنهنڪري سندس خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان اجازت وٺڻ قانون مطابق ضروري آهي.

مسلم ليگ ( ن ) جو مرڪزي اڳواڻ نواز شريف ۽ سندس نياڻي ۽ نياڻو ڪرپشن جي اڪيچار ڪيسن ۾ گرفتار هيا، سندن خلاف مکيه الزام مينس فيلڊ فليٽس جي خريداري ڪرپشن جي پئسن سان ڪرڻ هيو، هُو ٽئي اٽڪل ٽي مهينا اڊيالا جيل ۾ رهيا ۽ بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندن سزا معطل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سندن سزا معطل ڪري ڇڏي ۽ هو آزاد ڪيا ويا.

۽ وري هاڻي آشيانه ڪرپشن ڪيس ۾ شهباز شريف جي گرفتاري عمل ۾ آئي آهي. ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف احتساب جو عمل جاري آهي ۽ گذريل ڪيئي سالن کان جاري آهي، پر ان جي نتيجي ۾ ملڪ کي ڇا؟؛ حاصل ٿيو، ان جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، سپريم ڪورٽ احتساب بيورو ۽ احتساب عدالتن متعلق پنهنجي هڪ ريمارڪ ۾ چيو هو ته ”سپريم ڪورٽ ۽ احتساب عدالت ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف ڪوششون ته ڪيون پر ان مان ڪا هڙ حاصل نه ٿي آهي“ هڪ ٻئي موقعي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اهو به چوڻ هو ته هاڻي نيب کي ئي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ڪجهه ئي ڏينهن بعد وزيراعظم عمران خان جي صدرات ۾ اعلى سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان، سيڪريٽري فنانس، قانون ۽ انصاف واري وزارت جو سيڪريٽري، واپار وارو سيڪريٽري، پرڏيهي معاملن وارو وقتي سيڪريٽري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ، گهرو معاملن وارو اسپيشل سيڪريٽري، فنانس وارو اسپيشل سيڪريٽري، ايف بي آر، ايف آءِ اي ۽ نيب جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ هنڊي ۽ پئسن جي غيرقانوني منتقلي جي ٻين چينلز جي روڪ لاءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جو جائزو ورتو ويو جنهن تحت فارين ايڪسچينج ريگيوليشن ايڪٽ 1947ع ۽ ايف آءِ اي ايڪٽ 1974ع، ڪسٽم ايڪٽ 1969ع ۽ اي ايم ايل ايڪٽ 2010ع ۾ ترميمون ڪيون ويون. اجلاس ۾ تفصيلي ويچار بعد ڄاڻايل قانونن ۾ ترميم تي اتفاق ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم کان جلد انهن ترميمن جي منظوري ورتي ويندي.

هڪ طرف ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ خلاف ڪارروايون جاري آهن جن جو نشانو هن وقت تائين رڳو مسلم ليگ ( ن ) جي مرڪزي قيادت ۽ شريف خاندان بڻجندو رهيو آهي، جڏهن ته ڪرپشن جي حوالي سان ملڪ جي ٻين ڪيترين ئي وڏين شخصيتن جا نالا بار بار ميڊيا ۾ گردش ڪندا رهيا آهن. ملڪ ۾ سياسي ڪرپشن کان سواءِ ملڪ سان غداريءَ جي الزم هيٺ پڻ ڪجهه اهم شخصيتن خلاف ڪيس هلندڙ آهن، جن خلاف سختي ڪرڻ بجاءِ سرڪار ۽ خود سپريم ڪورٽ نرم رويو اختيار پئي ڪندي رهي آهي، اهڙين مبينه شخصيتن ۾ ملڪ جي اڳوڻي جرنل، پرويز مشرف جو نالو اهم آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ ملڪ اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جن ۾ ”خاص فوجي سيڪيورٽي، علاج جي خاطري، ۽ چڪ شهزاد ۾ سيل ٿيل گهر کولي حوالي ڪرڻ جو واعدو پڻ آهي“ پر سپريم ڪورٽ جي انهن سمورين خاطرين بعد به جنرل مشرف ملڪ ورڻ لاءِ تيار نه آهي، جنرل مشرف خلاف اڳوڻي گهرو وزير  چوڌري نثار آئين جي آرٽيڪل 6/ تحت غداريءَ جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن بعد کيس ملڪ جي مختلف شخصيتن پنهنجو اثر استعمال ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ ۾ مدد ڪئي.

ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ڪارروائي ٿيڻ هڪ سٺو عمل آهي جنهن جي هر طرح سان تعريف ۽ پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي، اسان به ان خيال جا آهيون ته ملڪ ۾ جاري ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ لاءِ سمورن ذميوار ادارن کي پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ مان ڪرپشن جي پاڙ پٽي ملڪ کي ترقيءَ جي شاهراهه ڏانهن اڳڀرو ڪري سگهجي، پر اسان ان سان گڏ اهو به مناسب نه ٿا سمجهون ته ڪرپشن خلاف ڪارروائي فقط هڪ طرفي ٿئي، ۽ انهيءَ ڪارروائي کي سمورو سماج محسوس به ڪرڻ لڳي ته پوءِ عوامي طور تي جيڪي سوچون ۽ جذبا جنم وٺن ٿا اهي انتهائي غيريقينيءَ واري صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، ۽ اهڙي ئي غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، خاص ڪري ملڪ سان غداري ڪرڻ جي الزام ۾ گهربل جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري اهڙي تاثر کي هٿي ملي رهي آهي.

اسان فقط ايترو چوڻ چاهينداسين ته ڪرپشن ۽ ملڪ خلاف غداريءَ جي ڪيسن ۾ گهربل سمورن ملزمن خلاف هڪ جهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن معاشري ۾ انصاف جو قدر قائم ٿئي ۽ عدالتن ته اعتماد وڌي.

ڇنڇر  6  آڪٽوبر 2018ع، 25 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

آڪٽوبر انقلاب، اميدون ٽٽيون ناهن…

انسان ذات جڏهن کان شعوري طور تي هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان ڪيئي جنگين ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے