16 منگل , اکتوبر 2018

نڪ جا بيڪٽيريا،  ٿڌ ۽ سيءَ لڳڻ جي نشاندهي ڪندا آهن

Known bacteria indicate cold and stomachورجينيا ( ويب ڊيسڪ ) ٿڌ ۽ سيءَ لڳڻ کي انگريزي ۾ صرف ” ڪولڊ “ جي لفظ ۾ بيان ڪيو ويندو آهي، وائرس سان لڳڻ وارو هي مرض کنگهه ، بخار،  سيءُ لڳڻ ، ڳلي ۾ سوج ۽ وهندڙ نڪ جو سبب ٿيندو آهي، پر هاڻي ماهرن چيو آهي ته هن ڪيفيت جا قسم ۽ شدت جو سبب اسان جي نڪ ۾ موجود بيڪٽيريا کي قرار ڏئي سگهجي ٿو.نيئن تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جن ماڻهن جي نڪ ۾ ” اسٽنفائلوڪوڪس بيڪٽيريا “  هوندي آهي ته انهن کي جيڪڏهن سيءُ لڳي وڃي ته اها تمام شديد هوندي آهي، ۽ جيڪڏهن ٻئي مريض جي نڪ ۾ اسٽنفائلوڪوڪس جو مقدار گهٽ هجي ته انهن جو نڪ گهڻو متاثر نه ٿيندو آهي، ڊاڪٽرن هڪ دلچسپ ڳالهه جي ڳولا ڪئي  آهي ته نڪ جي بيڪٽيريا ڇهه مخلتف قسمن ۾ يا مرحلن ۾ ڏٺي ويندي آهي، هر مرحلو سيءُ  لڳڻ جو مختلف شدت جي ذميدار هوندي آهي ، مطلب جنهن طريقي سان نڪ ۾ بيڪٽيريا هوندا ته انهي طريقي سان سيءُ يا ٿڌ لڳڻ جو اثر گهٽ يا وڌ به هوندو، ماهرن مطابق نڪ ۾ بيڪٽيريا جو تناسب جسم جي اندر سيءُ لڳائڻ وارن وائرس سان به عين مطاهبقت ۾ هوندو آهي.  هي تحقيق يونيورسٽي آف ورجينيا اسڪول آف ميڊيسن جي ماهرن ڪئي آهي ، هن تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر رونلڊ بي ٽرنر جو چوڻ آهي ته حيرت ۾ وجهندڙ تحقيق ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن بيڪٽيريا جو وزن ۽ قسم جو تعلق ڪهڙي طرح سيءُ سان بيمار ٿيڻ واري شدت ۾ هوندو آهي، ان مان معلوم ٿيو ته نڪ جا بيڪٽيريا ڪهڙي طرح ٿڌ جي وائرس سان اسان کي بيمار ڪن ٿا، واضح رهي ته نڪ جا بيڪٽيريا اسان کي ٿڌ نه ٿا لڳائي سگهن پر سيءُ جا وائرس اسان کي بيمار  ڪندا آهن پر نڪ جا بيڪٽيريا هن شدت کي گهٽ يا وڌ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. اڃان تائين  ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لازمي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

October 15 is Global Handwashing Day — an opportunity for all of us to feel slightly ashamed about our hand hygiene.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڄ سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے