16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | حيدرآباد: واسا  جي ملازمن پاران  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد ۾ واسا  جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن شرڪت ڪئي.

حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن،   اعجاز حسين، نياز حسين، عبدالمجيد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  واسا انتظاميا خلاف پريس ڪلب آڏو احٽجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ واسا جا اعليٰ آفيسر خوشحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، هر مهيني مقرر تاريخ تي پگهار کڻي رهيا آهن، پر واسا جي ننڍن ملازمن کي پگهار نٿي ڏني وڃي.

هنن چيو تھ  رٽائرڊ ملازمن جي پينشن به روڪي وئي آهي، جنهن ڪري ملازم سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن وسوارن کان  گهر ڪئي ته ملازمن جون سموريون رهتون، پگهارون ۽  پيشن جاري ڪري کين بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين : ڊاڪٽرن پاران هڪ ئي وقت الڳ الڳ پگهارون کڻڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

*بدين ۾  ڊٽيلمينٽ تي مقرر ڊاڪٽرن پاران انڊس اسپتال ۾ ھڪ وقت الڳ الڳ پگھارون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے