20 ہفتہ , اپریل 2019

نيوز | حيدرآباد: انتظاميا پاران روڊن جي ڀرپاسي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ انتظاميا پاران هڪ دفعو ٻيهر روڊن جي ڀرپاسي ۾ ٿيل اڏاوتن کي غير قانوني ڄاڻائي ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري پهرين ڪارروائي حسين آباد واري علائقي ۾ شروع ڪئي، جتي ڪيترين ئي جڳهن ۽ دڪانن جي حصن کي غير قانوني اڏاوت قرار ڏئي ڊاهيو ويو.

ڪارروائي دوران مزاحمت ڪرڻ تي پوليس پاران 5 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

ڪارروائي ڪندڙ عملي جو چوڻ آهي ته هنن اعليٰ اختيارين جي حڪم تي جڳهن ۽ دڪانن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جيڪي روڊ جي حد ۾ غير قانوني طور تي ٺاهيا ويا آهن.

هوڏانهن متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هنن پلاٽ خريد ڪري اڏاوتون ڪرايون آهن، ان وقت کين ڪنهن به نه روڪيو هو، جڏهن هو پنهنجو پيسو خرچ ڪري اڏاوت ڪري رهيا هئا، پر هاڻي وڏي رقم سان جوڙيل گهرن کي ڊاهڻ ناانصافي آهي……

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے