16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | حيدرآباد: يوٿ ايڪشن ڪميٽي جو فرزانا جمالي۽ سيف الله جمالي سان انصاف لاءِ احتجاج

حيدرآباد ۾يوٿ ايڪشن ڪميٽي طرفان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ ۽ فيصل آباد يونيورسٽي جي خودڪشي ڪندڙ شاگرد سيف الله جمالي سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي سنڌو نواز، سهيل ڀٽو، فراز چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن يونين تي پابندي هجڻ جي ڪري جنسي حراسمنٽ، شاگرد ۽ شاگردياڻين سان اهڙي قسمن جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته هو اهڙن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي نياڻي فرزانه جمالي سان انصاف ڪري شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مٺي : اسلام ڪوٽ جا آر او پلانٽ بي لاڀ، رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ دربدر

*اسلام ڪوٽ  ۾  لکين رپين  جي لاڳت سان سان ٺهيل آر او پلانٽ عوام لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے