16 منگل , اکتوبر 2018

پنجاب جي صحت کاتي ٻارڙن لاءِ مدي خارج وٽامن خوراڪ ورهائي ڇڏي

ليه ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي صحت کاتي هيلٿ اينڊ نيوٽريشن ويڪ دوران سنگين غفلت جو مظاهرو ڪندي تازن ڄاول ٻارڙن لاءِ مدي خارج ملٽي وٽامن خوراڪ ورهائي ڇڏي آهي. سڄي پنجاب ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ صحت ۽ غذائيت جو هفتو ملهايو پيو وڃي. ليا جي تعلقي ڪروڙ لعل عيسن ۾ صحت کاتي پاران ملٽي وٽامن ساشي فراهم ڪيا ويا جيڪي مدي خارج نڪتا. مدي خارج خوراڪ ملڻ سان ٻارڙن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن پر صحت کاتي سنگين غفلت تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. صحت کاتي پاران نيوٽريشن ويڪ دوران 6 کان 24 مهينن جي ٻارڙن ۾ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ملٽي وٽامن ساشي بنا معاوضي فراهم ڪيا پيا وڃن پر اهي ساشا گذريل مهيني ايڪسپائر ٿي چڪا آهن، هن وقت تائين 3 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي اها خوراڪ ڏئي سگهجي ٿي. شهرين جو چوڻ آهي ته مدي خارج ساشن جي فراهمي ٻارڙن جي حياتي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. شهرين پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے