11 منگل , دسمبر 2018

آءِ ايم ايف جي جائزا ڪميٽي، ملڪي معيشت ۽ عوام جي بدحالي

تحريڪ انصاف جي حڪومت هاڻي ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ٽي مهينا اڳ واري تحريڪ انصاف ۽ ان جون سياسي پاليسيون، اعلان ۽ عمل تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اچڻ جي ٽن مهينن کان پوءِ واري سياسي پاليسين، اعلانن ۽ عملن کان بلڪل به مختلف آهن، لڳي ٿو تحريڪ انصاف ڄڻ ڪو يو ٽرن ورتو آهي.

سياست جي دنيا جو اهو دستور آهي ته جڏهن به ڪا حڪومت اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها چونڊن ۾ ڪيل پنهنجن سمورن واعدن ۽ اعلانن کي پاڙيندي آهي ۽ اڳتي وڌندي آهي، پر بدقستيءَ سان پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي سياستدان چونڊن کان اڳ هڪڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ چونڊن کان پوءِ ٻيون ڳالهيون ڪندا آهن، هو اڳتي وڃڻ بجاءِ پوئتي ورندا آهن ۽ ترقيءَ جي سلسلي کي ويڙهي ڇڏيندا آهن، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ايندڙ حڪومت پنهنجي اڳ واري حڪومت جا سمورا ترقياتي منصوبا جيڪي اڌ ۾ هوندا آهن انهن کي به ختم ڪري انهن جي بنياد تي نون پروگرامن ۽ ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪندي آهي جنهن ڪري ملڪ جي قومي خزاني کي اربين، کربين روپين جو نقصان ٿيندو آهي، تحريڪ انصاف به عين ائين ڪيو آهي.

تحريڪ انصاف جا اڪثر اڳواڻ جڏهن ڪنٽينرن تي چڙهي اسلام آباد جا رستا بند ڪري جلسا جلوس ڪڍندي جيڪي ڳالهيون ڪندا هيا، انهن ۾، ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي، ڪرپشن ذريعي لٽيل دولت جي واپسي، ملڪ کي قرضن مان نجات ڏيارڻ، ڪنهن به پرڏيهي مالياتي اداري تي نه ڀاڙڻ، قرض نه وٺڻ، مهانگائي گهٽ ڪري عوام جي زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ واريون ڳالهيون اهم هيون، پر افسوس جو تحريڪ انصاف پنهنجي حڪومت جي ٽن مهينن ۾ انهن سمورين ڳالهين جي نفي ڪئي ۽ اها به بدترين نموني سان، تحريڪ انصاف متعلق ملڪ جي سياسي پس منظر ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته، تحريڪ انصاف جا اڳواڻ يو ٽرن وٺڻ ۾ ڪافي ماهر آهن، ۽ پنهنجي ٽن مهينن جي حڪومت ۾ تحريڪ انصاف اهو ثابت ڪري ڏيکاريو.

گذريل ٽن مهينن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ڪيئي وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن جن مان وزير اعظم هائوس جي ٻه سو قيمتي گاڏين جي نيلاميءَ سميت وزير اعظم هائوس جي متارين ميهنن جي نيلامي پڻ شامل آهي، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي پهرين سال جي بجيٽ به پيش ڪئي. ان کان سواءِ به تحريڪ انصاف ڪيئي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، پر ڄاڻايل ڪارناما ان ڪري به اهم آهن جو وزيراعظم هائوس جي ڪُارن ۽ ميهنن جي نيلاميءَ مان جيڪو ناڻو حاصل ٿيو آهي اهو ملڪ تي چڙهيل قرض لاهڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا پهرين بجيٽ پيش ڪئي آهي ان ۾ جيڪي ٽيڪس لڳايا انهن سان ملڪ جي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، بجا طور تي اهي ڪم تحريڪ انصاف جي حڪومت جا شاندار ڪم چئي سگهجن ٿا جن متعلق تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ٿنڪ ٽينڪ جي فيصلي بعد عمل ٿيو هوندو.

اطلاع آهن ته تحريڪ انصاف پنهنجي ٽن مهينن جي حڪومت ۾ هي يقينن ٽيون دفعو آهي جو تيل ۽ گيس جي اگهن ۾ اضافو ڪيو آهي، هاڻي واري ڪيل اضافي موجب آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي صارفن لاءِ گئس جي قيمت ۾ 10 کان 143 سيڪڙو تائين واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانن لاءِ گيس 57 سيڪڙو، عام صنعتن لاءِ 40 سيڪڙو ،  ڀاڻ سيڪٽر لاءِ بطور ٻارڻ 40 سيڪڙو ۽ خام مال طور استعمال تي 50 سيڪڙو في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي. سي اين جي سيڪٽر لاءِ گئس 40 سيڪڙو مهانگي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب گيس جون نيون قيمتون 27 سيپٽمبر کان لاڳو هونديون، جڏهن ته ماهوار 200 مڪعب ميٽر گيس استعمال تي في يونٽ 20 سيڪڙو، ماهوار 300 مڪعب ميٽر گيس جي استعمال تي 25 سيڪڙو، ماهوار 400 مڪعب ميٽر گيس جي استعمال تي 30 سيڪڙو، 500 مڪعب ميٽر ۽ ان کان وڌيڪ تي 143 سيڪڙو في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. سي اين جي ايسوسيئيشن  جي چيئرمين عنايت پراچا اوگرا پاران گيس ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ کي عوام سان زيادتي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، هن چيو ته گيس جي اگهن ۾ نئين واڌ سان سي اين جي 15 رپيا ڪلو تائين مهانگي ٿي ويندي.

ٻئي طرف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نئين حڪومت جي بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ واري قدم کي درست قرار ڏيندي پاڪستان کي مالياتي پاليسي وڌيڪ سخت ۽ شرح منافعو وڌائڻ تي زور ڏنو آهي، آءِ ايم ايف پاڪستاني رپئي جو قدر ۾ وڌيڪ گهٽ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو آهي، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدم ناڪافي آهن، جڏهن ته پاڪستان کي ٽيڪس سڌارن ۽ ٽيڪس آمدني وڌائڻ جي ضرورت آهي.

هوڏانهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي 13 رڪني قومي اقتصادي ڪونسل جوڙي آهي، وزير اعظم عمران خان قومي اقتصادي ڪونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير اعليٰ قومي اقتصادي ڪونسل جا ميمبر هوندا. ڪونسل جي ٻين ميمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي، منصوبابندي وارو وزير سميت ٻيا ميمبر به شامل هوندا.

مٿي ذڪر ڪيل صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد عوام جون جيڪي اميدون هيون اهي هڪ، هڪ ٿي ڀور، ڀور ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ وڌندڙ غربت، معاشي بدحالي، بيروزگاري انتهائي اهم مامرا آهن جيڪي سڄي سماج کي اڏوهيءَ وانگر کائي رهيا آهن ۽ سماج کوکلو ٿي رهيو آهي، سوال هي آهي ته جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ انهن کي ڳنڀير ۽ سنگين ڇو ٿي بڻائي، ڇا اسان جا حڪمران، هن ملڪ جا ساڃاهه وند، اقتدار ڌڻي ملڪ کي هلائڻ وارين صلاحيتن کان وانجهيل آهن، اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو هر عام ماڻهو پنهنجين روزاني جي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيئي نمونن سان ڪري ٿو.

اسان هن موقعي تي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي فقط ايترو چوڻ چاهينداسين ته هن ملڪ جي انتهائي اڪثريتي عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن ۽ عذاب جي ور نه چاڙهيو، عوام کان اٽي، لٽي، اجهي ۽ جيئڻ جو حق نه کسيو.

آچر 7 آڪٽوبر 2018ع، 26 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے