16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | گلشن اقبال: شاهنواز شر ڳوٺ واسين پاران انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج

گلشن اقبال ڀرسان شاهنواز شر ڳوٺ واسين پاران انصاف نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رشيد، رند، سڌير ۽ شڪيل سميت ٻين شاهنواز شر ڳوٺ ايف بلاڪ جي هڪ سئو  خاندانن جا اجها مسمار ڪري بلڊر مافيا کي وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بلڊر مافيا شيلنگ ڪرائي ڳوٺ مسمار ڪرائي رهي هئي ته هڪ معصوم نياڻي فوت ٿي وئي هئي ۽ گهر ڊاهڻ تي دل بيهڻ سبب  ٻه متاثر ڳوٺاڻا سراج احمد رخشاڻي ۽ گلزار ٿيٻو فوت ٿي ويا هئا.

هنن الزام هنيو ته  لينڊ مافيا سندن گهر به ڊاهيا ۽ ٽي ماڻهو به قتل ڪيا، جن خلاف هاءِ ڪورٽ ڪيس داخل آهي، پر پوليس ۽ روينيو عملدار بلڊر مافيا جي مدد ڪري رهيا آهن.

هنن چيف جسٽس،آءِ جي سنڌ،ڊي جي نئب ۽ اينٽي ڪرپشن کان گهر ڪئي ته غير قانوني اربين روپيا ڪمائيندڙن خلاف جاچ ڪري سندن گهر ٻيهر آباد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ايس ٽي پي پاران سنڌودرياءِ تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاج

*ڪوٽڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌودرياءِ  تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے