16 منگل , اکتوبر 2018

گهڻو ويهڻ يا سمهڻ صحت لاءِ هاڃيڪار

There is a high risk of living or living healthڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تحقيق مطابق گهڻي دير ويهڻ يا گهڻي دير سمهڻ وارا ماڻهو صحتمند نه رهندا آهن ۽ سدائين بيمار رهندا آهن جيڪڏهن توهان گهڻي ويهڪ ۽ گهڻي ننڊ ڪرڻ جي طبي نقصانن کان اڻڄاڻ آهيو ته آسٽريلوي سائنسدانن گهڻي ويهڻ ۽ گهڻي ننڍ جا طبي نقصان واضع ڪندي چيو آهي ته جهڙي طرح غيرصحتمند عادتون مثال جي طور سگريٽ پيئن جي عادت يا غير صحتمند کاڌا کائڻ اسان جي لاءِ سٺا نه آهن. بلڪل اهڙي طرح گهڻي دير ويهڻ ۽ گهڻي دير سمهڻ جي عادت به انساني صحت جي لاءِ موت مار ثابت ٿي سگهي ٿي.

وقت کان اڳ موت جو ٿيڻ: سڊني يونيورسٽي جي طرفان ڪيل تحقيق جي نتيجي ۾ اها خبر پئي آهي ته جن ماڻهن جي روزاني زندگي ۾ گهڻي دير ويهڻ ۽ سمهڻ شامل آهي ته هو آهستي آهستي جسماني مشق ڪرڻ کان پري ٿيندا ويندا آهن ۽ انهن ماڻهن ۾ سگريٽ استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن وانگر وقت کان اڳ موت ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي پون ٿا.  ساڪس انسٽيٽيوٽ جي 45 يا ان کان وڌيڪ عمر وارن جي عنوان سان ڪيل مطالعي ۾ 45 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن تي اها تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ ٻه لک 30 هزار ماڻهو شامل ڪيا ويا. تجربي جي دوران ڏهن انهن ماڻهن کان روزاني زندگي گذارڻ جي معاملن ۾ غير صحتمند سرگرميون مثلن نامناسب کاڌن کائڻ جون عادتون، سگريٽ پيئڻ جي عادت ۽ ڪم ڪار نه ڪرڻ، گهڻي دير ويهڻ گهڻي ننڊ ڪرڻ نو ڪلاڪن کان وڌيڪ ويهڻ ۽ ننڍ ڪرڻ جي باري ۾ معلومات گڏ ڪئي ۽ هيءَ تحقيق پلس ميڊيسن جي جنرل ۾ شايع ٿي آهي، جنهن جي نتيجي جي مطابق 2 يا 3 قسمن جي غيرصحتمند سرگرمين ۾ ملوث تقريبن ٪30 ماڻهن مان 16 هزار 6 سالن جي عرصي ۾ فوت ٿي ويا. ماهرن جي مطابق اهڙا ماڻهو جيڪي جسماني طور تي مضبوط نه هئا انهن ۾ جسماني سرگرمين جي سطح هفتي ۾ 150 منٽن جي ورزش تي پوري لهڻ وارن ماڻهن جي مقابلي ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ موت جو امڪان هو. تحقيق مان ظاهر ٿيو ته جسماني ڪم نه ڪرڻ سان گڏوگڏ گهڻو ويهڻ يا گهڻي ننڍ ڪرڻ وارن ماڻهن، انهن ٻين ماڻهن وانگر موت جي وڏن خطرن سان لاڳاپيل هئا. جيڪي سگريٽ پيئڻ جهڙيون خراب عادتون رکندا هئا. يونيورسٽي آف سڊني ۾ سڊني اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي سينئر ماهر ۽ تحقيق جي اڳواڻي ڪندڙ پروفيسر ميلوڊي ڊنگ جو چوڻ آهي ته صرف اهي ماڻهو جيڪي جسماني طور پنهنجو ڪم پاڻ نه ٿا ڪن. انهن ۾ واقعي موت جي شرح جو تعلق وڌيڪ مضبوط هوندو آهي. ان حاصل ڪيل نتيجي جي وضاحت ڪندي چيو ته جڏهن ماڻهن ۾ ڊگهي ننڍ جو وقت ۽ گهڻي دير تائين ويهڻ جي عمل کي غير فعال جا خراب اثر ملائي ڪري ڏٺو ويو ته نتيجا ڊرامائي ثابت ٿيا، يعني ماڻهن ۾ موت جو خطرو اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾ ٪4 وڌيڪ هيو. جيڪي گهڻو سمهندا آهن ۽ گهڻو ويهندا آهن، جيتوڻيڪ جسماني طور تي گهٽ ڪم ڪندڙ هئا. جيتوڻيڪ ميلوڊي ڊنگ تحقيق ڪرڻ کانپوءِ آخر ۾ هڪ واضع طور تي پيغام ڏنو ته صحتمند طرز عمل موت جي خطرن جي شرح کي گهٽ ڪري ٿو. ماهر ڊنگ مطابق جسماني سرگرميون انساني صحت جي لاءِ سڀ کان اهم آهن ۽ جيڪڏهن اهڙي طرح غير صحتمند زندگي جي طرز عمل جي مجموعي سان توهان جي صحت خطري ۾ پئجي رهي آهي ته مجموعي صحت جي خاطر ان ۾گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ کي ڇڏڻ هڪ سٺو عمل هوندو.

دل جي بيمارين کي دعوت ڏيڻ: هڪ مطالعي ۾ نيدرلينڊ سان تعلق رکڻ وارن سائنسدانن ٻڌايو آهي ته گهڻي دير تائين ويهڻ جا نقصان بالغ ماڻهن سميت نوجوانن تي هڪجهڙا ظاهر ٿين ٿا. گهڻي دير تائين ويهڻ جي ڪري 30 سالن جي نوجوانن جي جسم جون شريانيون به سخت ٿي وڃن ٿيون يا سڄي پون ٿيون جن کي ميڊيڪل سائنس ۾ دل جي بيمارين جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.

اهڙا ماڻهو جيڪي گهڻو گهمن ڦرن نٿا: هن وقت جرمني قوم جي صحت گهٽ درجي جي سطح جي رهي آهي هڪ تازي رپورٽ جي مطابق ملڪ جي ٪9 کان به گهٽ آبادي، جيڪا مڪمل طور تي صحتمند زندگي گذاري رهي آهي. سراسري جرمن شهري ساڍا ست ڪلاڪ روزانو ويهي گذارين ٿا. بلڪي هي لاڙو هاڻي سڄي دنيا ۾ وڌي رهيو آهي.

ڇا هڪ هنڌ ويٺو رهڻ سگريٽ پيئڻ جي عادت کان وڌيڪ خطرناڪ آهي: هلندڙ عرصي ۾ ويٺو رهڻ جي عادت کي طبي نقصان جي سبب جي ڪري هن کي سگريٽ پيئڻ جي عادت کان به وڌيڪ نقصانڪار قرار ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه  تي سڀئي سائنسدان متفق ناهن ته هن کي سگريٽ پيئڻ جهڙو نقصانڪار چيو وڃي. پر چيو وڃي ٿو ته ويٺو رهڻ جي ڪري بلڊ پريشر، رت جي دوري ۾ خرابي ڪينسر، دل جا مرض، ۽ شگر جهڙيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون.

هر قسم جو ويهڻ هڪجهڙو ناهي هوندو: هونئن ته ويهڻ جا مختلف انداز ۽ انهن جا مختلف اثر ٿيندا آهن. ليڪن سائنسدانن مطابق آفيسن ۾ ڪرسيءَ تي ويهڻ جا صحت تي خراب اثر گهر ۾ صوفي سيٽ تي ويهي ٽي وي ڏسڻ جهڙا آهن. مستقل ويهي ٽي وي ڏسڻ ۽ وقت کان اڳ موت، ٽائپ ٽو شگر ۽ دل جي مرضن جي وچ ۾ هڪ گهرو تعلق آهي.

ڪمزوريءَ ۾ اضافو: سائنسي رپورٽ مطابق اهڙيون عورتون جيڪي وڌيڪ ويٺيون رهن ٿيون. اهي جسماني ڪمزوريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون يعني اهڙين عورتون کي ڪنهن بيماري ۾ تندرست ٿيڻ يا ڪنهن زخم جي ڀرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ٿو. ڪيترن ئي ڏاهن جو چوڻ آهي ته هن جسماني نقصان کي ختم ڪري سگهجي ٿو. پر ان جي لاءِ حرڪت ڪرڻ هڪ ضروري شرط آهي.

گهٽ ويهو گهڻو هلو: سائنسدانن جو چوڻ آهي ته لاڳيتو ويٺو رهڻ وقت کان اڳ موت جي خطرن ۾ اضافو ڪري ٿو. ڏاهن مطابق جيڪڏهن ڪو شخص هڪ جاءِ تي 30 منٽن کان گهٽ ويهي ته ان کي صحت جا ڪيترائي فائدا ٿي سگهن ٿا. ماهرن جي مطابق 30 منٽن ويهڻ کان پوءِ پنج منٽن جو هلڻ يا حرڪت ڪرڻ ضروري آهي.

بيهي ڪم ڪرڻ واري ميز: آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو گهڻو وقت ميز جي سامهون ويهي ڪم ڪن ٿا. جيتوڻيڪ هاڻي اهڙيون آفيس ميزون متعارف ڪرايون وڃن پيون جن تي بيهي ڪم ڪري سگهبو. جيتوڻيڪ ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ئي جاءِ تي بيهي رهڻ سان ڪو ماڻهو گهڻي توانائي خرچ نٿو ڪري ان لاءِ هڪ نسخو گهڻو فائديمند نه آهي.

نوٽ : ليکڪ ڊاڪٽر مراد علي راهو، هي مضمون رزواني عوامي آواز جي هفتوار ميگزين 2018-10- 07 ۾ شائع ٿيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

October 15 is Global Handwashing Day — an opportunity for all of us to feel slightly ashamed about our hand hygiene.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڄ سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے