11 منگل , دسمبر 2018

آهه…شيخ عزيز جو لاڏاڻو…..

آهه….سنڌ جو ناميارو صحافي شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو….کيس ڪالهه سپر هاءِ وي تي نوري آباد وٽ دل جو دورو پيو، فوري علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو پر اُتي علاج جون مناسب سهولتون نه هجڻ ڪري کيس فوري طور آغا خان اسپتال ڪراچي آندو ويو جتي سندس دل جي اينجيوپلاسي ٿي، اينجيوپلاسيءَ بعد سندس طبعيت ۾ سڌارو اچڻ لڳو پر ڏينهن گذرڻ دوران اوچتو ئي اوچتو سندس دل هلڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، رب الڪريم کيس پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي. شيخ عزيز 79 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، سندس جنم 9 ڊسمبر 1938ع تي حيدرآباد ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد جي هڪ خوش پوش ۽ تعليم يافته خاندان ۾ ٿيو هو.

ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جي شعبي ۾ جيڪي نامياريون شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن ۾ ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس وڏو ڀاءُ شيخ محمد اسماعيل ادب ۽ سنڌ جي قديم آثارن جو ماهر هيو ۽ ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر هيو، ٻنهي ڀائرن جي تربيت جو مٿس انتهائي گهرو اثر هو پر شيخ صاحب پاڻ به ذهني طور تي سڄاڻ ۽ سجاڳ انسان هيو، سندن طبعيت ۾ ننڍي هوندي کان ئي علم، ادب ۽ آرٽ طرف لاڙو نمايان هوندو هو  جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي، ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب طرف به سندس لڳاءُ والهانا هيو.

شيخ عزيز پنهنجي شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، هُن عملي صحافت لاءِ پنهنجي تعليم ٿامس ڪاليج آف جنرنلزم لنڊن مان صحافت ۾ ڊپلوما حاصل ڪري مڪمل ڪئي، ان بعد پنهنجي عملي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين.، ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري کيس ان وقت سنڌ جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو مليو، ان وقت اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب هيو، شيخ عزيز صاحب پهريان سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون پر عملي صحافت جي شروعات هُن پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ئي حيدرآباد مان روزاني عبرت، روزاني سنڌ نيوز ۽ روزاني ڪاروان ۾ ڪم ڪري ڪيو، بعد ۾ هُن روزاني حُريت، روزاني جنگ ۽ هفتيوار آبزرور ۾ پڻ ڪم ڪيو. هُن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو ڳچ عرصو روزاني جنگ ڪراچي ۾ پنهنجيون صحافتي ذميواريون سرانجام ڏيندي گذاريو ان بعد هُن انگريزي اخبار روزاني ڊان ۾ نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، روزاني ڊان ۾ هُن پنهنجي زندگيءَ جو تمام وڏو عرصو ڪم ڪيو تان جو 2008ع ۾ رٽائر ڪيائين، هُو روزاني ڊان سان 1989ع کان منسلڪ ٿيو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ڪم ڪندو رهيو، رٽائر ٿيڻ بعد به هو روزاني ڊان ۾ لکندو رهيو.

مرحوم  ۽ مغفور شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ ۾ عملي صحافت سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر ۽ آل پاڪستان نيوزپيپرز سوسائٽيءَ جو جج پڻ رهيو، هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، سماجيات، علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي سوين موضوعن تي هزارين مضمون پڻ لکيا ۽ ان سان گڏ هُن ڪيئي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگ ڊم آف سنڌ، ڀٽو- ميموريز ۽ ريمبرينس، اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر، اوريجن اينڊ اوليوشن آف سنڌي ميوزڪ سميت عملي صحافت نالي ڪتاب شامل آهن. شيخ عزيز صاحب هڪ عميق ۽ گهري نظر رکندڙ صحافيءَ سان گڏ موسيقيءَ جي وسيع ڄاڻ پڻ رکندو هو. شيخ عزيز سنڌي ادبي بورڊ جو وائس چيئرمين پڻ مقرر ٿيو.  سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾  جيڪي به شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن مان شيخ عزيز جو نالو سڀني کان مٿاهون آهي جو هو هڪ صحافي هوندي ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ هڪ جامع ادارو هو، جنهن سنڌي صحافت جي شروعاتي ايام ڪاريءَ ۾ ڪيئي سنڌي اخبارن جا نه صرف بنياد رکيا پر انهن کي ڏينهن رات جاکوڙ ڪري ادارن جي صورت ڏني، ڪيئي اخباري ادارن جي قيام ۽ نه فقط بنيادي ڪردار ادا ڪيائين پر ان سان گڏ ڪيئي صحافين جي تربيت پڻ ڪيائين جيڪي اڳتي هلي صحافتي ۽ قومي زندگيءَ جي اعلى معيار کي رسيا.

شيخ عزيز صاحب جو لاڏاڻو اسين سمجهو ٿا ته نه صرف سندس ڪٽنب لاءِ هڪ وڏي ڏک جو سبب بڻيو آهي پر ان سان گڏو گڏ سندس لاڏاڻو پوري سنڌي سماج لاءِ انتهائي ڏک ۽ افسوس جو سبب پڻ بنيو آهي، سماج ۾ هر انسان جو پنهنجو پنهنجو ڪردار، اهميت ۽ اثر هوندو آهي، سماج ۾ هر انسان جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر هوندو آهي جنهن تحت ئي ان جي زندگي گذرندي آهي، پر اهي انسان جيڪي پنهنجي عملي زندگيءَ جي عرصي ۾ جيڪڏهن ڪنهن سماج تي پنهنجو اثر ڇڏي وڃن ٿا، سماج جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي کي ڪو نئون موڙ، ڪا نيئن زندگي، ڪو نئن فڪر يا عمل ڏئي وڃن ٿا، ۽ سندن اهڙين ئي ڪوششن ڪري سماج ترقيءَ جي هڪ وک اڳتي وڌائي ٿو ته سمجهبو ته ان ماڻهوءَ جو هن دنيا ۾ اچڻ سڪارتو ٿيو، نه ته هر روز لکين انسان جنم وٺن ٿا ۽ لکين مرن ٿا، سڀني کي نه ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي انهن جي لاڏاڻي تي ڪو سمورو سماج ڏکوئتو ٿئي ٿو، سماج فقط انهن ماڻهن کي ياد ڪري ٿو ۽ انهن جي وڇڙي وڃڻ تي ڏک ۽ الم ڪري ٿو جيڪي سماج جا اڏيندڙ ٿين ٿا.

شيخ عزيز صاحب سنڌي سماج جي انهن اڻ ڳڻين شخصيتن ۾ شامل آهي جن جي ڪوششن سان سنڌي سماج، سماجن جي تاريخ ۾ پنهنجو ڪو مان ۽ مرتبو ڳڻائي سگهي ٿو، اهو درست آهي ته سماجن کي ادارا جوڙيندا آهن، پر اهو به غلط ناهي ته ادارن کي وري شخصيتون جوڙينديون آهن، جيڪي قومن کي جوڙيندا ۽ جياريندا آهن. شيخ عزيز صاحب جو شمار اهڙن ئي انسانن ۾ ٿئي ٿو جن قومن ۽ سماجن جي تعمير ڪرڻ لاءِ ڪيئي ادارن کي جنم ڏنو، شيخ عزيز صاحب هميشه سنڌي سماج جي ساڃاهه، شعور ۽ فڪر ۾ جيئرو رهندو. سنڌ کي وري به ڪنهن ٻئي شيخ عزيز جي سخت ضرورت آهي.

سومر 8 آڪٽوبر 2018ع، 27 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے