16 منگل , اکتوبر 2018

سمارٽ فون لاءِ روبوٽ آڱر جي ايجاد

Robot fingerprint for Smartphoneپئرس ( ويب ڊيسڪ ) هن سمارٽ فون سان گڏ جڙجندڙسڀ کان وڌيڪ عجيب ۽ غريب ايجاد قرار ڏنو پيو وڃي، بنهه انساني آڱر سان مشابهت رکندڙ آڱر جهڙي ايجاد ذريعي فون پاڻ توهان جو هٿ پڪڙي سگهي ٿي، ڪجهه ماهرن هن کي فون جو عضوو قرار ڏنو آهي، يونيورسٽي آف پئرس سيسلي جي ماهر مارڪ ٽيسيئر هن سمارٽ فون جي آڱر ڊزائن ڪئي آهي، يو ايس بي پورٽ سان چارج ٿيندڙ هيءَ ڊوائيز سمارٽ فون سان عمل ڪندڙ هڪ دلچسپ ايجاد پڻ آهي، سمارٽ فون سان ڳنڍجڻ کانپوءِ هي هٿ جي ڪرائي کي ٺپيندو آهي، ۽ ان آڱر جي کاٻي ساڄي پاسي ڪري ان کي جواءِ اسٽڪ جيان به ڪتب آڻي سهگجي ٿو. انساني آڱر جهڙي ايجاد ڪيل روبوٽ کي ” موبي لمب “ جو نالو ڏنو ويو آهي، هن تي هڪ ننهن به موجود  آهي، جيڪو هن کي حقيقت جي  وڌيڪ ويجهڙو ڪري ٿو، فون سان ڳنڍجڻ بعد هي ان جي پچ جيان نظر اچي ٿو جيڪو ان سان لٽڪيل چرندو پرندو رهي آهي، ايڊم فيملي ڪارٽون ۾ هڪ هٿ کي گهر ۾ ريڙهيون پائيندي ڏسي سگهجي ٿو اهڙي نموني هي آڱر به سموري فون کي ريڙهيندي ميز تي ريڙهيون پائيندي رهي ٿي. ڪنهن ميسيج جي ضرورت ۾ هن آڱر کي ڇهي ان جي اطلاع ڏيندي آهي ۽ هي احساس ظاهر ڪرڻ جي هڪ اَوتار به ٿي ويندي آهي، ان کانسواءِ  ”آگمنڊ ريئلٽي“ جا کوڙ سارا جادو به ڏيکاري ٿي، هِن جي تخليقار جي نظر ۾ هِن سمارٽ فون کي زندگي سان ڀريل احساس شامل ڪرڻ آهي مطلب اهڙو فون جيڪو پنهنجا احساس ظاهر ڪري سگهي، هڪ واهپيدار انٽر فيس سافٽ ويئر جي ذريعي توهان ڪنهن دوست کي به ڇهڻ جو احساس ظاهر ڪري سگهو ٿا پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سهگي ٿو ته هُن دوست جي فون ۾ به اهڙي قسم جي پراسرار آڱر موجود هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Continue to prepare an environmentally friendly Fuel with the help of ammonia

امونيا جي مدد سان ماحول دوست فيول تيار ڪرڻ تي تحقيق جاري

هيوسٽن( ويب ڊيسڪ) آمريڪي رائس يونيورسٽي ۾ جاري هڪ تحقيق ۾ هائڊروجن فيول جي پيدوار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے