16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | حيدرآباد: پوليس جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نھ ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ريجن ۾ پوليس جي ڀرتين لاءِ درخواستون گهرائي اميدوارن کان ٽيسٽون وٺڻ بعد پاس ٿيل اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اميدوارن ثناءُالله مغل، خادم حسين ، نظير احمد ، علي اصغر، مصطفي مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

اڳواڻن  چيو ته 2017 ۾ هنن  پوليس ۾ ڊرائيور  ۽ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيڻ  لاءِ درخواسون ڏنيون جنهن ۾ 13سئو 27  اميدوار  ٽيسٽن ۾ پاس ٿيا پر هن وقت تائين کين آفر آرڊر نه ڏنا ويا آهن.

هنن چيو ته 1 سال کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي پر آفر آرڊر ڏيڻ بجاءِ ڪامورا  آفيسن جا چڪر ڪٽرائي رهيا آهن.

هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته حيدرآباد ريجن جي 1372 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مٺي : اسلام ڪوٽ جا آر او پلانٽ بي لاڀ، رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ دربدر

*اسلام ڪوٽ  ۾  لکين رپين  جي لاڳت سان سان ٺهيل آر او پلانٽ عوام لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے