16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | حيدرآباد: ڊرائيور جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا هئڻ جو انڪشاف

حيدرآباد جي ڪينٽومينٽ کاتي ۾ ڊرائيور ڪروڙ پتي بڻجي ويو، سندس اڪائونٽ ۾ 4 ڪروڙ 54 لک 54 هزار 432 رپيا بيلنس هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڊرائيور پرديپ انڪشاف ڪيو آهي ته هو گذريل مهيني جي پگهار  نيشنل بئنڪ واري اڪائونٽ مان ڪڍرائڻ ويو ته اي ٽي ايم جي رسيد ۾ بقايا رقم 4 ڪروڙ 99 لک 54 هزار 432 روپيا بيلنس ظاهر ٿي آهي.

هن ٻڌايو ته هن جي  اڪائونٽ ۾ صرف 18 هزار روپيا جمع ڪرايل هئا، ٻن ڏينهن تائين هن بينڪ جي غلطي سمجهي ۽ پنهنجو اڪائونٽ چيڪ ڪندو رهيو، پر اها رقم واپس نه ٿي، جنهن ڪري هو پريشان ٿي ويو آهي.

هن چيو ته هن  ڄاڻايل معاملي بابت بينڪ ۽ نيب اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هو هڪ غريب پورهيت آهي ۽  ڪينٽونمينٽ بورڊ ۾ نوڪري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهي، سندس اڪائونٽ ۾ رکيل رقم سان ڪو به واسطو ناهي.

هن نيب سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.

واضح رهي ته ايف آءِ اي جعلي اڪائونٽن ۾ پيل اربين روپين جي مني لانڊرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ اهڙي جاچ کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو ڪيترن ئي ماڻهن جي اڪائونٽن ۾ ڪروڙ روپين جي رقم ظاهر ٿي رهي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي رهواسي فالودو وڪندڙ شخص جي اڪائونٽ مان به 2 ارب روپين جي رقم ظاهر ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين : ڊاڪٽرن پاران هڪ ئي وقت الڳ الڳ پگهارون کڻڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

*بدين ۾  ڊٽيلمينٽ تي مقرر ڊاڪٽرن پاران انڊس اسپتال ۾ ھڪ وقت الڳ الڳ پگھارون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے