20 ہفتہ , اپریل 2019

نيوز | ملير: پورهيتن پاران عماره ڪمرشل پرنٽنگ پريس خلاف پيادل مارچ

ملير  جي مميڻ ڳوٺ جي صنعتي علائقي ۾ قائم عماره ڪمرشل پرنٽنگ پريس  مني انتظاميا جي  ڏاڍاين خلاف  پورهيتن ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي پيادل مارچ ڪيو .

پورهيتن  ميمڻ ڳوٺ مک چوڪ کان  فيڪٽري تائين پيرين پند مارچ ڪيو.

هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي رهواسين، نوجوانن، معززن سميت علائقي جي نامياري سياسي سماجي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي ۽ سنڌي مزدرو تحريڪ جي اڳواڻن ممتازعلي لغاري ۽ سنتوش ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن مارچ ۾ شرڪت ڪئي.

پورهيتن جي ڌرڻي کناپوءِ فيڪٽري انتظاميا  گيٽ بند ڪرائي ڇڏيا ، انتطاميا  پورهيتن سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو.

لاڳيتو هڪ ڪلاڪ نعري بازي بعد فيڪٽري جي ڊائريڪٽر انجم پورهيتن جي وفد کي فيڪٽري اندر گهرائي ڳالهيون ڪيون پر پورهيتن کي مڃرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو .

انتظامي آفيسر انجم صحافين کان ڪوريج ڪرڻ کان روڪيندي ڌمڪين ڏيندو رهيو .

سنڌي مزدورتحريڪ جي اڳواڻن ممتاز لغاري، سنتوش ڪمار ۽ فيڪٽري جي پورهيتن  صمد خاصخيلي ، اظهر علي، تنوير خاصخيلي، اعجاز صحافين کي ٻڌايوته ميمڻ ڳوٺ ۾ سمال انڊسٽري سميت ملير ضلعي ۾ قائم اڪثر فيڪٽريون غير قانوني ، اڻ رجسٽرڊ، ٽيڪس چور ۽ مقامي پورهيتن لاءِ عقوبت خانه آهن، جتي ليبر لا نالي ڪابه شي ناهي.

هنن چيو ته  فيڪٽري ۾ سنڌي ٽوپي پائڻ ۽ سنڌ ڳالهائڻ کان روڪيو وڃي ٿو ، جيڪڏهن ڪو پورهيت اعتراض واري ٿو ته سندس تذليل ڪري نيڪالي ڏني وڃي ٿي.

هنن مطالبو ڪيو ته فيڪٽري ۾ موجود سيڪيورٽي آفيسر ، ٺيڪيدار ۽ ڊائريڪٽر کي پورهيتن کي گار گند ڪرڻ تي فيڪٽري نيڪالي ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے