11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ جا تعليمي ادارا، بدانتظامي ۽ تعليم وارو وزير….

اطلاعن موجب ٻه ڏينهن اڳ ضلعي مٽياريءَ جي تعلقي نيو سعيد آباد ۾ شاگردياڻين جي ڪاليج ۾ ان وقت انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جڏهن هڪ نياڻيءَ جي والد ڪاليج ۾ اچي ڪاليج انتظاميه کي نياڻيءَ جي داخلا لاءِ،  داخلا فارم ڏيڻ جي گذارش ڪئي، پر صورتحال ان وقت سنگين ٿي وئي جڏهن سندس نياڻيءَ جي داخلا لاءِ  ڪاليج انتظامه فارم ته نه ڏنو پر ان جي موٽ ۾ کيس ڪاليج مان زبردستي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان وقت انهيءَ نياڻيءَ جي پيءَ انتهائي بي وسيءَ مان ڪاليج جي ڪلارڪ کي فارم ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيون ۽ سندس پيرن ۾ چنبڙي کيس ٻاڏائڻ لڳو، پر ڪاليج جي ڪلارڪ سندس هڪ نه ٻُڌي ۽ کيس ڌڪا ڏياري ڪاليج مان ڪڍرائي ڇڏيو.

اهڙي اذيت ناڪ ۽ افسوس ناڪ  صورتحال موقعي تي موجود ڪنهن ماڻهو موبائل ۾ رڪارڊنگ ڪري سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي، جنهن بعد سڄي دنيا اهو افسوس ناڪ منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو ته هڪ پيءَ جيڪو پنهنجي نياڻيءَ کي داخلا ڏيارڻ لاءِ ڪاليج جي انتظاميه کان داخلا فارم وصول ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رهيو آهي ۽ موٽ ۾ کيس ڪهڙي نه ذلت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مذڪوره وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ٿيڻ بعد وائرل ٿي وئي ۽ ٿوري ئي وقت اندر لکين ماڻهن جي نظر مان گذري، مذڪوره وڊيو ڪلپ جي منظر عام تي اچڻ بعد سنڌ جي تعليم واري وزير ان جو نوٽس ورتو. تعليم واري وزير جي نوٽس وٺڻ بعد ذميوار ڪلارڪ کي برطرف ڪري ان واقعي جي جانچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد پاران ٻه ڌار ڌار ليٽر جاري ڪيا ويا آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ جي هدايتن تحت واقعي ۾ ملوث ڪلارڪ جانب ڪيريو کي برطرف ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر الدين ۽ ميمبرن ۾ پروفيسر علي اڪبر ڪيريو ۽ علي احمد جمالي شامل آهن.

نيو سعيد آباد ۾ نياڻين جي ڪاليج ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو بدانتظاميءَ جو انهتائي بدترين مثال آهي، اتفاق آهي ته اهو واقعو سوشل ميڊيا جي معرفت لکين عام ماڻهن سميت سنڌ جي تعليم واري وزير جي نظرن تائين پڻ پهتو، نه ته هر روز اهڙا سوين واقعا پيش ايندا رهن ٿا جن طرف ڪنهن جي به نظر نه ٿي وڃي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بدانتظاميءَ جو عالم اهو آهي ته سنڌ جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ شعبي جي سربراهه پاران ان يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻيءَ کي جنسي طور تي هراسان ڪيو وڃي ٿو، ۽ اها نياڻي اڄ تائين پنهنجي توهين ۽ تذلل تي انصاف لاءِ روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪري رهي آهي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بدانتظامين جو عالم اهو آهي جو اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جون خبرون اخبارن ۾ اينديون رهن ٿيون،شاگردن تي تشدد ڪرڻ جون خبرون اخبارن ۾ اينديون رهن ٿيون، ان کان علاوه جيڪي ڳالهيون بدانتظامين ۾ شمار ٿين ٿيون انهن ۾ اڪثر اسڪولن ۾ استادن جو وقت تي نه اچڻ، ذميواريءَ سان نه پڙهائڻ، مختلف بهانن سان فنڊ وصول ڪرڻ پڻ شامل آهن جيڪي عمل عام جام آهن. تعليم وارو وزير جيڪڏهن ڪنهن به هڪ ڏينهن جي اخبارن تي هڪ نظر وجهندو ته کيس روزاني جي بنياد تي پنجن کان ڏهه خبرون اهڙيون ملنديون جيڪي ادارتي بدانتظامين جا بدترين مثال ٿي سگهن ٿيون.

اسان جي معاشري ۾ جڏهن نياڻين جي تعليم اڳ ئي مشڪل آهي، والدين ۽ نياڻين جا مائٽ نياڻين کي تعليم رڳو ان ڪري به نه ٿا ڏيارين ته معاشري ۾ گهر کان ٻاهر انهن جي تحفظ جو سوال رهي ٿو، جڏهن ته تعليمي ادارن جي هلت چلت، معاشري جي موٽ ۽ معاشي وسيلن جي اڻ هوند ڪري پڻ نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم رهن ٿيون، اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو والد پنهنجي نياڻيءَ جي تعليم لاءِ ايتري قدر مجبور ٿي وڃي جو اهو ڪلارڪ جي پيرن ۾ ڪري کيس داخلا فارم لاءِ ٻاڏائي ته ان معاشري جي بيوسيءَ جو اندازو  لڳائڻ ڪو مشڪل نه آهي ۽ ان معاشري ۾ تبديليءَ لاءِ تڙپ جو اندازو به لڳائڻ مشڪل نه آهي.

نيو سعيد آباد واري واقعي بعد تعليم واري وزير جيڪو نوٽس ورتو اهو ساراهه جوڳو عمل آهي، ذميوار ڪلارڪ کي برطرف ڪرڻ وارو عمل به احسن آهي ۽ شروعاتي قدم طور تي پرنسيپال سميت ٻن ملازمن کي معطل ڪرڻ جا جاري ڪيل حڪم پڻ ساراهه جوڳا آهن، اسين مجموعي طور تي اهو سمجهون ٿا ته سنڌ جي تعليم واري وزير جا اهي قدم ساراهه جوڳا آهن، پر اسان سندس اهڙي قدم کي بلڪل به سارهه جوڳو نه چونداسين جنهن تحت هُن متاثر ڌرين کي پنهنجي آفيس طلب ڪري ڪلارڪ کان متاثر والد کان معافي وٺرائي، اسين سمجهو ٿه ته اهو انتظامي قدم نه آهي ۽ سندس اهڙي قدم کي ساڃاهه وند ڪنهن عزت ۽ وقار جي نگاهه سان نه ڏسندا، هڪ وزير وٽ ڪارروايون ڪرڻ لاءِ ڪيئي قانون ۽ ضابطه موجود آهن جن تي عمل ڪري هو هر بدانتظاميءَ کي پنهنجي آفيس ۾ ويٺي ويٺي درست ڪري سگهي ٿو، اسان جو خيال آهي ته هڪ وزير کي سرڪاري آفيس ۽ اوطاق ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ آفيس جو تقدس بحال رکڻ گهرجي.

اسين اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته انهيءَ ڪُڍي عمل لاءِ ذميوار ملازمن لاءِ معطليءَ جي سزا ڪافي نه آهي انهيءَ جرم ۾ برابر جا شريڪ ڪلارڪ به آهن ته پرنسيپال به آهي ۽ پرنسيپال وڌيڪ ذميوار آهي جو هو اداري جو سربراهه آهي، ڪنهن به ذميوار کي گهٽ ۽ وڌ تصور ڪرڻ مناسب نه آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورن ذميوارن کي هڪ ڪري سزا ڏئي کين سموري سماج لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو وڃي، هي اهڙو جرم آهي جنهن ۾ معافي جي گنجائش ٻڙيءَ برابر هجڻ گهرجي. اسين هن موقعي تي انهيءَ والد سان به دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيون ٿا جنهن پنهنجي نياڻيءَ جي تعليم لاءِ پنهنجي عزت نفس ۽ وقار کي به پاسي تي رکي هڪ اداري ملازم جي پيرن تي ڪري پيو.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي تعليم واري وزير لاءِ هي سونهري موقعو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن جي بگڙيل انتظامي معاملن کي درست ڪرڻ لاءِ سخت سزا ۽ ٻاجهاري جزا جي روايت قائم ڪري.

اڱارو 9 آڪٽوبر 2018ع، 28 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے