16 منگل , اکتوبر 2018

فيسبڪ تي ”اڪائونٽ ڪلون“ جي افواهن واهپيدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو

Refresh the "Account Clone" virus algorithm on Facebookلنڊن ( ويب ڊيسڪ) فيسبڪ جي هزارين لکين واهپيدارن کي هڪ پيغام ملي رهيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته توهان جو اڪائونٽ ڪلون ٿي ويو آهي، ۽ توهان ڪنهن فيسبڪ دوست طرفان اهو پيغام ايندو آهي ته دوست هئڻ باوجود به کين توهان جي ئي اڪائونٽ تان فرينڊ شپ درخواست آئي آهي. ماهرن ان کي هڪ افواهه ۽ بي بنياد وائرل خبر قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن جو به اڪائونٽ ڪلون ناهي ڪيو ويو. هن وقت فيسبڪ تي واهپيدارن کي هڪ پيغام ملي رهيو آهي ته جنهن ۾ توهان کي فيسبڪ فرينڊ چوندو آهي ته مونکي اڄ يا ڪالهه توهان جي طرفان هڪ ٻي فرينڊ ريڪوسٽ ملي آهي جنهن کي مان نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي توهان چاهيو ته پنهنجو اڪائونٽ به چيڪ ڪري سگهو ٿا. جنهن بعد اهو پيغام وڌيڪ شيئر ٿيو ۽ هوريان هوريان هزارين لکين ماڻهو ان کي شيئر ڪيو پر توهان جي اڪائونٽ جي معلومات ڏسندي ان جي نقل يا ڪلون بڻائڻ ممڪن آهي ۽ ٺڳي ڪندڙ ماڻهو اڪائونٽ بڻائيندا  ۽ هلائيندا رهندا آهن پر ان نئين افواهه واري لهر جو مقصد فيسبڪ واهپيدارن کي پريشان ڪرڻو آهي. ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته توهان جو اڪائونٽ فيسبڪ اڪائونٽ پاڻمرادو فرينڊ ريڪوسٽ موڪلڻ شروع ڪري ڇڏي تنهنڪري ان پيغام کي نظر انداز ڪيو وڃي سڀ کان بهترين عمل آهي، ان معاملي تي جڏهن  فيسبڪ انتظاميا کان جو موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اتان ڪو واضح جواب نه مليو. ڪجهه ڏينهن اڳ به فيسبڪ جي 5 ڪروڙ واهپيدارن جي معلومات چوري هئڻ جي اطلاعن بعد سوشل ميڊيا ڪمپني تي سخت تنقيد ٿي هئي. هيڪرن ” ويو ايز“ کي استعمال ڪري واهپيدارن معلومات چورائي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Continue to prepare an environmentally friendly Fuel with the help of ammonia

امونيا جي مدد سان ماحول دوست فيول تيار ڪرڻ تي تحقيق جاري

هيوسٽن( ويب ڊيسڪ) آمريڪي رائس يونيورسٽي ۾ جاري هڪ تحقيق ۾ هائڊروجن فيول جي پيدوار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے