16 منگل , اکتوبر 2018

تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪندڙ ڪجهه حيران ڪندڙ عادتون

Some surprising signs indicating creative skillsڪراچي ( رپورٽ ايس ايس ) اسان ۾ هر هڪ عادت مختلف هوندي آهي، جيڪا اسان کي ٻئي کان ممتاز بڻائيندي آهي ۽ جنهن جي مدد سان ڪنهن جي ذهانت ۽ فطري صلاحيتن جو اندازو لڳايو ويندو آهي. پروفيسر رابرٽ جي اسٽن برگ موجب ذهانت هڪ اهڙي صلاحيت آهي جيڪا تجربي، نون خيالن، سوچ سمجهه ۽ پنهنجي علم کي ماحول موجب استعمال ڪرڻ سان سکي ويندي آهي. ڪجهه ماڻهن موجب ذهين دانشور اهو هوندو آهي، جيڪو تمام گهڻو منظم ۽ اصولن ۽ ظابطن جو پابند هوندو آهي. پر هاڻ آمريڪا جي مني سوٽا يونيورسٽي طرفان ڪيل تحقيق موجب اهي ماڻهو وڌيڪ ذهين ۽ تخليقي صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن جن جو ڪو به قاعدو ناهي هوندو.ان تحقيق جي هڪ محقق ڪيٿلين ووهز موجب ڪمن ۾ بي قاعدگي هئڻ رويتي اصولن کي ٽوڙيندي آهي ۽ هڪ آزاد ماحول مُهيا ڪندي آهي، جنهن سان فطري صلاحيتون اُڀري سامهون اينديون آهن.  ٻئي پاسي منظم ماڻهو هڪ تُڪيل توريل ماحول ۾ محفوظ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته انهن ۾ تخليقي صلاحيتن جي کوٽ هوندي آهي. ان حوالي سان ڊيوڪ يونيورسٽي جي ٽيلنٽ جي سڃاڻپ نالي پروگرام سان لاڳاپيل سائنسدان جوناٿن وائي جو چوڻ آهي ته بي قاعدگي تخليقي صلاحيتن ۾ مدد ناهي ڏيندي پر جن ماڻهن ۾ تخليقي صلاحيتون هونديو آهن هو بي قاعدو ۽ غير منظم ٿي ويندا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙا ماڻهو پنهنجي سوچن ۾ گم هوندا آهن جن ۾ هو پنهنجي پريشانين ۽ تڪليفن جو حل ڳوليندا آهن. کين ان ڳالهه جي ڳڻتي ناهي هوندي ته سندن چوڌاري ڇا پکڙيل آهي ۽ ڇا ناهي ۽ نه ئي کين ڪنهن قسم جي اصول ظابطن جي ڳڻتي هوندي آهي. تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪندڙ ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ عادتون هيٺ ڏنل آهن.

*رات دير تائين جاڳي ڪري ڪم ڪرڻ

* ٿڌي پاڻي سان وهنجڻ واري عادت

* پنهنجو پاڻ تي پاڻ تنقيد ڪرڻ

* ڏينهن جو خواب لهڻ

* شيون پکيڙي ڪم ڪرڻ واري عادت

* پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون ڪرڻ

* اڪيلائي پسند هئڻ

هي به ڏسي سگهو ٿا

Continue to prepare an environmentally friendly Fuel with the help of ammonia

امونيا جي مدد سان ماحول دوست فيول تيار ڪرڻ تي تحقيق جاري

هيوسٽن( ويب ڊيسڪ) آمريڪي رائس يونيورسٽي ۾ جاري هڪ تحقيق ۾ هائڊروجن فيول جي پيدوار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے