16 منگل , اکتوبر 2018

گوگل، فيسبڪ جي مقابلي ۾ متعارف ڪرايل گوگل  پلس کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

Google Plus Is Shutting Down After Private User Information Was Exposed, Google Saysنيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيسبڪ جي ڀيٽ ۾ لانچ ڪيل گوگل پلس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گوگل اعتراف ڪيو آهي ته 2011 ۾ گوگل پلس کي متعارف ڪرائڻ کان ويندي هن وقت تائين اهو سوشل ميڊيا واهپيدارن کي متاثر ناهي ڪري سگهيو ۽ سيڪيورٽي حملن کانپوءِ ان کي بند ڪيو پيو وڃي. گوگل انتظاميا چيو آهي ته هو واهپيدارن لاءِ گوگل پلس کي بند ڪري رهيو آهي، هيڪرن جي حملن سبب هزارين واهپيدارن کي ڊيٽا ٻين تائين پهچائڻ لاءِ حفاظتي قدم کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.   گوگل طرفان اهڙو اعلان اُن وقت سامهو آيو آهي جڏهن معتبر آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته گوگل فيصلو ڪيو آهي ته هو هيڪرن جي حملن ۾ متاثر واهپيدارن جا تفصيل سامهون نه آڻيندو. ياد رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ انڪشاف ٿيو هو ته هيڪرن 50 لک گوگل واهپيدارن  تائين پهچ حاصل ڪئي ۽ هيڪرن واهپيدارن جي ان باڪس به ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Continue to prepare an environmentally friendly Fuel with the help of ammonia

امونيا جي مدد سان ماحول دوست فيول تيار ڪرڻ تي تحقيق جاري

هيوسٽن( ويب ڊيسڪ) آمريڪي رائس يونيورسٽي ۾ جاري هڪ تحقيق ۾ هائڊروجن فيول جي پيدوار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے