16 منگل , اکتوبر 2018

کاڌي پيتي واري شين ۾ ملاوٽ  توهان کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيندي

The mixture of food will be scared of you in the pastڪراچي ( ويب ڊيسڪ) اڄ ڪلهه جي دور ۾ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اسان جيڪو ڪجهه کائيندا پئيندا آهيون اهو واقعي ۾ صاف ۽ خالص هوندو آهي يا ان ۾ڪا ملاوٽ هوندي آهي اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙين شيئن جون حقيقتون ٻڌائينداسين جنهن سان اوهان دنگ رهجي ويندا ته کاڌي جي نالي تي اسان سان ڪهڙيون ڪهڙيون ٺڳيون ٿي رهيون آهن

صوف

اوهان کي لڳي ٿو ته چمڪندڙ صوف صاف آهي؟ ان کي هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪيو ان کي چمڪائڻ وارو ويڪس لهي ويندي ۽ ان مذيدار صوف جو اصل رنگ ظاهر ٿي ويندو

جوسَ

رنگين جوس کي هڪ ڪوپ ۾ هڪ ٽشو پيپر سان گڏ وجهو. جوس ۾ موجود  رنگ ٽشو پيپر ۾ منتقل ٿي ويندو ۽ ان ۾ باقي ڪيميڪل ۽ نقلي شوگر وڃي بچندي

ڪپ ڪيڪ

ڪپ ڪيڪ کائڻ ۾ مذيدار آهي ؟  هڪ ڇاڻي ۾ هن کي سٺي طريقي سان ڇاڻيو. ڪيڪ جو سڄو مادو ڇاڻي مان نڪري ويندو پويان ڇا بچندو؟ انساني صحت لاءِ نقصانڪار سنٿيٽڪ فائبر

مکڻ

مکڻ استعمال ڪرڻ کان اڳ اوهان کي مکڻ ۽ مارجرين جي خبر هئڻ گهرجي، مارجرين نقلي طريقيڪار تحت ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته مکڻ کير ۽ ڪريم مان ٺاهيو ويندو آهي.جيئن اوهان کي لڳي ٿو ته اوهان جيڪو مکڻ استعمال ڪريو ٿا ان ۾ ملاوٽ آهي ته پوءِ هڪ ٽڪڙو گرم پاڻي ۾ وجهي ملايو ، جيڪڏهن مکڻ خالص  هوندو ته پاڻي ۾ حل ٿي ويندو  ۽ جيڪڏهن  مارجرين مليل هوندو  حل نه ٿيندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

October 15 is Global Handwashing Day — an opportunity for all of us to feel slightly ashamed about our hand hygiene.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڄ سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے