16 منگل , اکتوبر 2018

سائبر ڪرائيم ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي: ايف آءِ اي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اختيارين سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي ۾ سائبر ڪرائيم بابت ڪيسن ۾ غير معمولي واڌ جو انڪشاف ڪيو آهي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي پٺ تي پيل علائقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ۽ ايف آءِ اي اختيارين شرڪت ڪئي. اداري جي ڪارڪردگي بابت ايف آءِ اي ٻڌايو ته سائبر ڪرائيم جون دانهون ڪندڙن جو انگ وڌي رهيو آهي، 2013ع کان 2016ع تائين ڪيسن جي رجسٽريشن ۾ اضافو ٿيو ۽ 2016ع کان 2017ع تائين ڪيسن جي رجسٽريشن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي آهي. اختيارين تسليم ڪيو ته ايف آءِ اي ۾ اسٽاف جي کوٽ آهي ۽ عملي تي ڪم جو ٻوجهه گهڻو هوندو آهي، هيومن سمگلرز جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ 2016ع ۾ سمگلرز جا 65 سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته آءِ بي ايم ايس جي استعمال سان ايف آءِ اي جي ڊيٽا هيڪ نٿي ٿي سگهي، جڏهن ته بارڊر تي هر هنڌ ايف آءِ اي جي چيڪ پوسٽ ناهي. ان ڏس ۾ سينيٽر گيانچند سوال اٿاريو ته ڪجهه ماڻهن جي اڪائونٽن ۾ پئسا اچي رهيا آهن؟ ٻڌايو وڃي ته رقم اڪائونٽ ۾ موڪليندڙ ڪير آهن؟ جنهن تي ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ هو ته مجموعي طور 35 اربن جا ڪوڙا اڪائونٽ پڪڙيا ويا آهن، معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ڪم ڪري پئي. رقم جي اڪائونٽ منتقلي بابت جي آءِ ٽي کي خبر آهي، 25 هزار پگهار وصول ڪندڙ شخص جي اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ آيا هئا ته بئنڪ جي هيڊ کي به ايف آءِ اي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، بئنڪ عملي انڪشاف ڪيو ته مٿان کان آيل هدايتن تي ڪوڙا اڪائوٽ کوليا ويا. ڪميٽي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ڪوڙن اڪائونٽن ۾ بئنڪون ملوث آهن ته اڃا تائين اهي بند ڇو ناهن ڪيون ويون؟ ڪميٽي هدايت ڪئي ته ڪوڙن اڪائونٽن جي معاملي ۾ ملوث بئنڪن کي بند ڪيو وڃي. ڪميٽي ۾ شريڪ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري چيو ته ڪوڙن اڪائونٽن جي معاملي تي ان ڪئميرا اجلاس گهرايو وڃي، هي مٿانهون معاملو آهي. ڪميٽي ممڪلتي گهرو وزير ۽ ڊي جي ايف آءِ اي طرفان شرڪت نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سينيٽر فدا محمد اعتراض واريو ته اجلاس ۾ گهرو وزير موجود آهي نه ئي ڊي جي ايف آءِ اي، رڳو 3 اختياريون شريڪ آهن، جنهن تي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ڪيس سبب اهي نه اچي سگهيا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

خانگي اسڪول پنهنجا آڊٽ اڪائونٽ پيش ڪن، مناسب في مقرر ڪنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي آدٽ اڪائونٽس جمع ڪرائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے