17 اتوار , فروری 2019

ايف بي آر شهباز شريف جي اثاثن ۽ ٽيڪس جي تفصيل نيب کي ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايف بي آر اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي سمورن اثاثن ۽ ٽيڪس جي معاملن جي سموري تفصيل نيب جي حوالي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب آشيانه هائوسنگ سوسائٽي فراڊ ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ نيب ايف بي آر کان شهباز شريف جي مڪمل ملڪيت ۽ ٽيڪس ادائيگين جو ريڪارڊ گهري ورتو. ايف بي آر اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان 1997ع کان 2018ع تائين سمورا اڪائونٽ ۽ ملڪيت جو ريڪارڊ نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ميان شهباز شريف جي ظاهر ڪيل ملڪيت، بينڪ اڪائونٽ، استعمال هيٺ گاڏيون جو ريڪارڊ ملڻ بعد نيب ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن ميان شهباز شريف جي ظاهر ڪيل تفصيل ۾ ڪا به تبديلي ٿي ته پوءِ ان حوالي سان نيب ان کان جاچ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے