16 منگل , اکتوبر 2018

مشهور ڀارتي ڳائڻو نتن بالي روڊ حادثي ۾ فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو مشهور ڳائڻو نتن بالي روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو آهي. گذريل ڏينهن ممبئي ۾ پيش آيل حادثي کانپوءِ نتن بالي کي اسپتال نيو ويو هو، ڊاڪٽرن مُنهن تي ٽاڪا هڻي کيس فارغ ڪري ڇڏيو هو پر اڄ طبعيت بگڙڻ کانپوءِ ان کي ٻيهر اسپتال پهچايو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب 47 ورهين جي نتن بالي کي مٿي ۾ گهرا ڌڪ لڳا هئا، جنهن سبب سندس موت ٿيو. نتن بالي 90ع جي ڏهاڪي ۾ شهرت حاصل ڪئي هئي. هن مشهور گيت ”نيلي نيلي امبر“ جو ريميڪس به ڪيو هو. پنهنجي ڪيريئر دوران نتن ڪيترائي مشهور گيت ڳايا، جن ۾ ”ڇو ڪر ميري من ڪو ۽ پل پل دل ڪي پاس“ جا ريميڪ به شامل آهن. هن ٽي وي ڊرامن جي اداڪارا روما بالي سان شادي ڪئي هئي ۽ کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fakhr-e-Alam is flying around the world in 28 days

”مشن اُڏام“ سان گڏ فخر عالم ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا جو سفر ڪرڻ لاءِ ”مشن اُڏام“جي شروعات ڪندڙ پاڪستاني اداڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے