16 منگل , اکتوبر 2018

گورنر سنڌ جي قلندر جي مزار تي حاضري گلن جي چادر جي چاڙهي

halani: protest against police violence over Khairpur's journalist Khan Mohammad Mubarooڪوٽڙي/ ڄامشورو/ ٽنڊو ڄام/سيوهڻ (نمائندا) سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل سيوهڻ پهتو، قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشل سائنسز فئڪلٽي ۾ ٽاپ 10 شاگردن کي سرٽفڪيٽ پڻ ڏنا، وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروفيسر فتح محمد برفت سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي، ٻئي پاسي ٽنڊي ڄام ۾ ڊويزنل اڳواڻ خاوند بخش جهيجي سان انصاف هائوس ۾ ملاقات ڪئي، گورنر سنڌ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 70 سيڪڙو گئس سنڌ مان نڪرڻ باوجود مختلف علائقن ۾ گئس جي عدم فراهمي سنڌ سان ناانصافي آهي، جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو آهي، جلد مسئلو حل ڪيو ويندو، گورنر سنڌ کي زرعي يونيورسٽي وائيس چانسلر پاران نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ واڻڪي وسي جي نينگر سان ڏاڍائي جون دانهون پڻ ڪيون ويون، جنهن تي هن فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، مختلف هنڌن تي ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان قرض وٺڻ جو ڳالهيون ٿيون آهن، ڪوشش هوندي ته گهٽ قرض کڻون، هن چيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ منڇر سميت ڪٿي به ڊيم ٺهي اهو تمام ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے