16 منگل , اکتوبر 2018

شهيد ذوالفقار ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ درخواست داخل، بلاول ڌر بڻجندو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صدارتي ريفرنس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. درخواستگذار عدالت عظميٰ کان اپيل ڪئي ته انصاف وٺڻ لاءِ ڌر بڻجڻ جي اجازت ڏني وڃي. بلاول ڀٽو زرداري داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي شهيد ناني جي زندگي واپس نٿي اچي سگهي پر اُهو گناهه جيڪو منهنجي ناني ڪيو ئي ناهي ان جو الزام ته لهي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ لکيو ويو آهي ته منهنجي ناني کي قلم سان سزا ڏني وئي ۽ قلم سان منهنجي ناني جي حياتي واپس نٿي اچي سگهي پر ان جو مان ۽ مرتبو واپس اچي سگهي ٿو. عدالت عظميٰ ۾ داخل درخواست ۾ بلاول ڀٽو زرداري موقف اختيار ڪيو آهي ته ملڪ جي عوام منهنجي شهيد ناني جي ڏوهٽي تي اعتماد ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ درخواستگذار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏوهٽو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي جو باني هو ۽ هن روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هنيو. ڪيس ٻيهر هلايو وڃي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے