16 منگل , اکتوبر 2018

مخالف ڌر طرفان مهانگو ڊالر رد، وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر+م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب ڊالر مهانگو ٿيڻ تي وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنت جا ڪوڙ ڳالهائيندڙ حڪومت عوام کي مهانگائي جي دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، قوم کي ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڪهڙين شرطن تي آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، ڊالر جي قيمت ۾ هڪ ڏينهن ۾ 10 رپين جي واڌ اتفاق نه آهي، اسد عمر ٻڌائي ته واڌ سان ڪنهن سيڙپڪار گروپ کي فائدو پهچايو ويو، قوم کي ٻڌايو وڃي ته آءِ ايم ايف جي ڊيل کان اڳ ئي گئس ۽ تيل جون قيمتون ڇو وڌايون ويون آهن. هن چيو ته چيف جسٽس آءِ جي پنجاب جي تبديلي جو نوٽيس وٺي ان تي جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي، محمد شهباز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو کيس جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي، حڪومت هلائڻ جا بنيادي اصول به معلوم نه آهن حڪومت کي چئلينج آهي اها سي پيڪ جهڙي منصوبي جو چوٿون حصو ئي متعارف ڪرائي، وزير اهڙي زبان استعمال ڪن ٿا جيڪي اسان گهرن ۾ استعمال نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته 14 ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس نه سڏائڻ تائين اسان پارليامينٽ جي ٻاهران ئي اجلاس ڪنداسين، جڏهن جڏهن حڪومت ڪوڙ ڳالهائيندي اسان عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته 50 ڏينهن جي ڪارڪردگي سوچيل سمجهيل سازش آهي، حڪومت ملڪ مان سيڙپڪاري ختم ڪرڻ چاهي ٿي، هيليڪاپٽر ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيڪو معيار هن قائم ڪيو آهي، ان تي پورو لهڻ گهرجي. مريم اونگزيب چيو ته اسان جي دور ۾ اپوزيشن جي پريس ڪانفرنس لاءِ پي آءِ ڊي ۾ وڏو احتجاج ٿيو هو اسان کي انتظار رهندو ته فواد چوڌري ڪڏهن اپوزيشن لاءِ پي آءِ ڊي کي کوليندو. هن چيو ته اطلاعات واري وزير آءِ ايم ايف ڏانهن نه وڃڻ جي دعويٰ ڪئي هئي اڄ کيس ان تي شرم اچڻ گهرجي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته وزيراعظم چندا مهم جي ناڪامي بعد مهانگائي مهم هلائي ۽ هاڻي قرض مهم تي نڪري پيو آهي، 100 ڏينهن ۾ تقدير بدلائڻ جي دعويدارن ملڪ کي بحرانن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته معاشي پاليسين کان ناواقف حڪمرانن پهرين ٻن مهينن ۾ ئي معيشت کي ڪٻاڙ ڪري ڇڏيو آهي، پهرين 100 ڏينهن اندر سيڙپڪارن جا اڍائي سئو ارب ٻڏي ويا آهن. هن چيو ته هي ڪهڙي تبديلي آهي جنهن جي اچڻ سان ئي ڊالر کي پر لڳي ويا آهن. عمران خان مهانگائي پرڏيهي قرضن کان بچڻ لاءِ ڪئي ته هاڻي آءِ ايم ايف وٽ ڇو پيو وڃي. مصطفيٰ نواز جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هي اُهو ئي وزيراعظم آهي جيڪو چوندو وتندو هو ته پرڏيهي قرضن کان آپگهات کي ترجيح ڏيندس پر هن هر شئي مهانگي ڪري ڇڏي آهي، ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ دوست ملڪن جو مدد ڪرڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاران آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ وارو فيصلو پنهنجي جڳهه تي پر عمران حڪومت ٻڌائي ته سندس معاشي پاليسي آهي ڪهڙي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے