16 منگل , اکتوبر 2018

فرزانه جمالي هراسمينٽ جو ڊراپ سين، وي سي ۽ ليڪچرار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، احتجاج ختم

نوابشاھ (رپورٽ: اڪرم چانڊيو)شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانه جمالي جي جنسي هراسان ڪرڻ خلاف  42 ڏينهن تائين جاري جدوجهد رنگ لاتو، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي ۽ الزام هيٺ آيل استاد عامر خٽڪ عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون. نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران جاري بک هڙتال ڪيمپ ختم، خبر موجب شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي ۾ جنسي هراسمينٽ جو شڪار بڻيل انگريزي شعبي ۾ آخري سال جي شاگردياڻي فرزانه جمالي 42 ڏينهن جي مسلسل جدوجهد ڪئي، شاگردياڻي فرزانه جمالي کي جنسي هراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل ليڪچرار عامر خٽڪ ۽ وي سي ارشد سليم آرائين استعيفي ڏئي ڇڏي ، وي سي ارشد سليم آرائين استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته فرزانه جمالي هراسمينٽ واري معامري جي ڪري پريشان آهيان، پنهنجي ڊيوٽي سرانجام نٿو ڏئي سگهان ۽ جنسي هراسمينٽ ڪيس جي صاف ۽ شفاف جانچ لاءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، وي سي ارشد سليم جي استيعفيٰ جي تصديق بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي پي آر او ڪاشف نوراني ڪئي، هوڏانهن فرزانه جمالي پنهنجي والد اعجاز جمالي، چاچي اقبال جمالي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، انور چانڊيو، منير ابڙو، سيد ناصر شاهه، ايس ٽي پي جي اڳواڻن الطاف جسڪاڻي، نثار ڪيريو، سيد اطهر شاهه، مولانا مقصود احمد ڊومڪي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عنايت رند ، فياض خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ چوٿين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال ڪئي ۽ ان موقعي تي فرزانه جمالي ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي خاندان، سياسي سماجي ، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن جي ٿورائتي آهيان جو مونکي انصاف مليو آهي ۽ وي سي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي, هن چيو ته هي ڪاميابي منهنجي نه پر سڄي سنڌ ۾ پڙهندڙ نياڻين جي آهي. هن چيو ته هاڻ مان بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ وينديس ۽ پنهنجي تعليم اڳتي جاري رکنديس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے