16 منگل , اکتوبر 2018

نيب جو خاتمو نه ڪرڻ غلطي هئي، مشرف جا ڪارا قانون ختم ٿيڻ گهرجن:نواز شريف

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته  حڪومت انتقامي سياست ڪري رهي آهي، نيب سميت پرويز مشرف دور جا سمورا ڪارا قانون ختم ٿيڻ گهرجن. احتساب عدالت ۾ غير رسمي طور ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته  آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ٿي ته ڪو به پاڪستاني بچي نه سگهندو. هن چيو ته امير هجي يا غريب ملڪيت وڪرو ڪرڻ تي مڪمل آمدني ظاهر نه ڪندو آهي. هن چيو ته حڪومت انتقامي سياست ڪري رهي آهي، اسان درگذر ڪرڻ جي سٺي روايت وڌي آهي، اسان جي حڪومت ڪابه سياسي انتقامي ڪارروائي نه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي زبان  مان جيڪي ڳالهيون نڪري رهيون آهن ان کي ڇا چيو وڃي. نواز شريف چيو ته ڊالر جو اگهه وڌڻ تي سڀني کان هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، نيب سميت پرويز مشرف جا دور جا سڀ قانون ختم ڪرڻ گهرجن، منهنجي ڳالهائڻ تي دل نه ٿي چوي، ڳالهائيندس پر في الحال وقت ناهي.  هن چيو ته شهباز شريف ديانتداري تي ڪنهن کي آڱر کڻڻ نه ڏني آهي، شهباز شريف محنت سان ڪم ڪيو، صبح ڏٺو ۽ نه وري شام، ڏينهن رات ڪم ڪيو، هن پاڻ کي بيمار ڪيو ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے