16 منگل , اکتوبر 2018

شهباز شريف جي اثاثن جي جاچ شروع، تفصيل نيب حوالي، حمزه شهباز جي طلبي جا امڪان

لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي معاملي جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نيب جي جاچ ٽيم شهباز شريف کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي آڏي پڇا ڪئي ۽ سندس انڪشافن  جي روشني ۾ سندس ٻارن کي به طلب ڪيو ويو آهي.  نيب شهباز شريف جي پٽ سلمان شهباز کي به 10 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب سلمان شهباز جي مختلف بئنڪ اڪائونٽس ۾ مختلف ٽرانزيڪشن ٿي آهي جنهن جي بنياد تي کيس شروعاتي بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب شهباز شريف جي پٽ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شريف کي به جلد طلب ڪرڻ جو امڪان آهي.هوڏانهن ايف بي آر اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي سمورن اثاثن ۽ ٽيڪس جي معاملن جا  سمورا تفصيل نيب جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب آشيانه هائوسنگ سوسائٽي فراڊ ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ نيب ايف بي آر کان شهباز شريف جي مڪمل ملڪيت ۽ ٽيڪس ادائيگين جو ريڪارڊ گهري ورتو.  ايف بي آر اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان 1997ع کان 2018ع تائين سمورا اڪائونٽ ۽ ملڪيت جو ريڪارڊ نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ميان شهباز شريف جي ظاهر ڪيل ملڪيت، بينڪ اڪائونٽ، استعمال هيٺ گاڏين جو ريڪارڊ ملڻ بعد نيب ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن ميان شهباز شريف جي ظاهر ڪيل تفصيل ۾ ڪا به تبديلي ٿي ته پوءِ ان حوالي سان نيب ان کان جاچ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے