16 منگل , اکتوبر 2018

طلال چوڌري جي اپيل رد، وٺي اچو نواز شريف کي ته اسان کي هٽائي: چيف جسٽس

Ghospur: To polio poles, violence said on violence against two lady health workersاسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي گهرو ممڪلتي وزير  طلال چوڌري جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ لارجر بئنچ اڳوڻي مملڪتي وزير طلال چوڌري خلاف توهين عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. طلال چوڌري طرفان ايڊووڪيٽ ڪامران مرتضيٰ عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته طلال چوڌري پي سي او ججز ڪنهن کي چيو، ڪنهن کي هو ٻاهر ڪڍڻ چاهيندو هو، ڇو نه اسان سندس سزا ۾ اضافو ڪيون، چيف جسٽس چيو ته اسان سندس سزا ۾ اضافي جو نوٽيس ڪيون ٿا. جوابدار وڪيل چيو ته طلال چوڌري کان غلطي ٿي آهي، هو معافي وٺي رهيو آهي.  توهان پهريون ٻڌو ته هن ڇا چيو آهي. چيف جسٽس جي حڪم تي عدالت ۾ وڊيو ڪلپ هلائي وئي، جنهن کي ڏسڻ بعد چيف جسٽس ڪاوڙجي پيو. جوابدار جي وڪيل چيو ته طلال چوڌري پنهنجي ڳالهه سمجهائي نه ٿو سگهي، هو چوي ٿو ته موجوده ججن بابت نه چيو آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان معافي نامو رد ڪريون ٿا. نواز شريف کي وٺي اچي ته هو اسان کي هٽائي ڇڏي. عدالت بعد ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے