16 منگل , اکتوبر 2018

ٿر بابت حڪومتي رپورٽ رد، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ سنڌ جي علائقي ٿر ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ سنڌ جي صحت سيڪريٽري جي رپورٽ قبول نه ڪرڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي ۽ اٽارني جنرل کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي. اڱاري تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پاڻ مرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته هلندڙ سال ٿر ۾ ڪل 486  ٻار فوت ٿيا جن مان سڀ کان وڌيڪ مٺي جي علائقي ۾ فوت ٿيا آهن، جن ۾ گهڻو تعداد نون ڄاول ٻارن جو هو، جنهن جو وڏو سبب اتان جي مائرن ۾ غذائيت  جي کوٽ آهي. ان سان گڏ ٻارن جي پيدائش ۾ گهٽ وقفو به هڪ سبب آهي. هن ٻڌايو ته ڪميونٽي  هيلٿ ورڪرز فقط 40 سيڪڙو علائقي کي ڪور ڪنديون آهن. جن علائقن ۾ ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز ڪم ڪري رهيون آهن، اتي فوتگيون گهٽ ٿينديون آهن ۽ اتي مائرن جي صحت به ڪافي بهتر آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي  ته ان معاملي بابت توهان هيل تائين ڇا ڇا ڪيو، ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته ٿر ۾ ڪيتري وقت کان ٻار فوت ٿين پيا ۽ انهن جي روڪٿام ڇو نه ٿي سگهي سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته گذريل 4 سالن کان ٻار فوت ٿي رهيا آهن ته چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي چيو ته ايڏي وقت کان اهو مسئلو موجود آهي، ان کي حل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته ان معاملي تي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت کي رڳو رپورٽ نه پر ان صورتحال جو حل گهرجي، توهان ته اوڏانهن جيڪا ڪڻڪ موڪلي هئي ان مان به واري نڪتي، آءٌ پاڻ ٿر ويندس، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي ڏينهن اچان، مان پنهنجن ماڻهن کي مرڻ نه ڏيندس، اڄ اتي جيڪي حالتون آهن. اهي ڪنهن جي ذميواري آهن، اتي خوراڪ، پاڻي جي فراهمي ڪنهن جي ذميواري آهي، اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اتي ٻارن جون ڪهڙيون ضرورتون آهن. اها صوبي جي ذميواري آهي ته پٺتي پيل علائقي جي ماڻهن جو خيال رکي ۽ انهن جي بنيادي ضرورتن کي يقيني بڻائي. قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار ٿر ۾ بدترين حالتن جو سبب سرڪاري سطح تي ڪرپشن کي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ صوبي ۾ 450 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جو منصوبو ناڪام ٿيو آهي، اربين رپيا لڳائڻ ۽ افتتاح باوجود به ٿر ڪول پلانٽ بند پيو آهي. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته چيف سيڪريٽري ان معاملي جي حوالي سان پاليسي جوڙي اچي ۽ اسان کي ٻڌائي ته درپيش مسئلن جو حل ڪيئن نڪري سگهي ٿو. ٿر ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جون ٽرڪون هنگامي بنيادن تي موڪليون وڃن. چيف جسٽس سيڪريٽري صحت جي رپورٽ جي حوالي سان اٽارني جنرل  کان پڇيو ته ٻڌايو وڃي ته عدالت ان ڏس ۾ ڪهڙا قدم کڻي سگهي ٿي، اٽارني جنرل ٻڌايو ته انهن علائقن ۾ اسپتالون موجود آهي. پر ڊاڪٽر ناهن، مشينون آهن پر انهن کي هلائڻ لاءِ آپريٽر ناهن جيڪو ڊاڪٽر اتي ويندو آهي. اهو سمجهندو آهي ته کيس سزا ملي آهي. جنهن بعد هو مريضن کي سزا ڏيندو آهي. چيف جسٽس  صوبائي حڪومت جي رپورٽ کي غيرتسلي بخش قرار ڏيندي اٽارني جنرل کان تجويزون گهري ورتيون ۽ چيو ته ان مسئلي کي جلد هنگامي بنيادن تي ڪرڻ جي ضرورت آهي. بعد ۾ عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کي طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت کي رپورٽس نه پر مسئلي جو حل گهرجي، ماڻهو چون ٿا ته پنهنجون حدون اورانگهي رهيو آهيان، پنهنجي ماڻهن کي مرندي نه ٿو ڏسي سگهان، مان پاڻ ٿر وڃي ويهي رهندس. ٿر جو اصل مسئلو ڪو بيان نه ٿو ڪري سگهي، ڪو خوراڪ جي کوٽ سبب مري رهيو آهي ته ڪو وري ناقص علاج سبب، ٿر وارن کي گهر، خوراڪ ۽ پاڻي ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي. هن چيو ته حڪومتي رپورٽ موجب ته سڀ سٺو آهي پر سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس تحريڪ انصاف جي ايم اين اي رميش ڪمار کي ٿر جون حالتون ٻڌائڻ لاءِ روسٽرم تي گهرايو. رميش ڪمار ٻڌايو ته ٿر ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، ڪوئلي سبب زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، حقدارن لاءِ خوراڪ ۾ اسيمبلي ميمبرن جو نالو به ايندو آهي، ٿر ۾ منشيات فروشن جي حڪمراني آهي، اربين رپيه لڳائڻ ۽ افتتاح باوجود ٿر ڪول پلانٽ بند آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے