16 منگل , اکتوبر 2018

مهانگائي جو نئون طوفان، ڊالر 134 رپيا، حڪومت 140 رپيا ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر+م ڊ) ڊالر هڪ دفعو وري مهانگو ٿي ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 134 رپين جو ٿي ويو. ملڪ تي قرضن ۾ 902 ارب رپين جو اضافو ٿي ويو. مهانگائي جو طوفان اچڻ ۽ تيل، گيس، بجلي ۽ ٻاهران ايندڙ سڀ شيون مهانگيون ٿيڻ جوخطرو آهي. سون في تولو 1700 رپيا مهانگو ٿي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 138 رپين ۾ وڪاڻو. وفاقي حڪومت پاڻ به ڊالر 140 رپين جو ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾  9 رپيا 75 پئسي جي  اضافي سان ڊالر 134 رپيا جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، واضح رهي ته گذرل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 124 رپيا 25 پئسن جو هو. ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سان مارڪيٽ ۾ غيريقيني واري صورتحال ڇانيل آهي. معاشي تجزيه نگار محمد سهيل موجب ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو هڪ سبب حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ وارو فيصلو به آهي. ميڊيا رپورٽن موجب کليل مارڪيٽ ۾ ڊالر 136 کان 138 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو. آن لائن موجب ڊالر 12 رپيا 75 پئسا اضافي سان 136 رپين ۾ وڪور ٿيو. ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هاڻ گيس بجلي ۽ تيل اگهن ۾ به چڱو خاصو اضافو ڪيو ويندو. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانپوءِ ڊالر 150 رپين کان به وڌيڪ مهانگو ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ سون به مهانگو ٿي ويو آهي. في تولو سون 17 سئو رپيا اضافي سان 53 هزار 877 رپين جو ٿي ويو آهي.  10 گرام سون جي قيمت 49 هزار 673 رپيا رهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي مٽا سٽا واري شرح 133.64 رپيا رهي جڏهن ته گذريل ڏينهن آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي مٽا سٽا واري شرح 124.27 رپيا هئي. اسٽيٽ بئنڪ جي جاري پڌرائي موجب اها تبديلي وڏي حد تائين ڪرنٽ اڪائونٽ جي صورتحال ۽ مٽا سٽا واري ناڻي جي مارڪيٽ ۾ طلب ۽ رسد جي فرق کي ظاهر ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو آگسٽ 2018ع ۾ گهٽجي ويو هو پر تيل جي وڌندڙ عالمي قيمتن جي ڪري تيل جي امپورٽ بل ۾ لاڳيتي اضافي مٽا سٽا واري ناڻي جي مارڪيٽ کي دٻاءُ ۾ رکيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ صورتحال جي مسلسل نگراني ڪندي رهندي ۽ مٽا سٽا واري ناڻي جي مارڪيٽ ۾ ڪنهن به اڻوڻندڙ واڌ لاٿ جي صورت ۾ مداخلت جي لاءِ تيار آهي. وفاقي سرڪار ڊالر 140 رپين تائين پهچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير علي زيدي جو چوڻ آهي ته وقت ڏکيو آهي پر ٿوري ڏکيائي برداشت ڪئي وڃي. ٻڌو آهي ته ڊالر 140 رپين تائين پهچي ويندو جڏهن ته 100 ڏينهن بعد منهنجي وزارت ۾ واضح فرق نظر ايندو، توهان کي نظر ايندو، ملڪ جي بندرگاهن کي نفعو ڏيندڙ بڻائيندس. هن چيو ته عزير بلوچ ۽ بلديا سانحي جي جي آءِ ٽي چونڊن کان اڳ مون وٽ آئي هئي، هاڻي جي آءِ ٽيز جي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو انتظار آهي، جي آءِ ٽي ۾ جن ماڻهن جا نالا آهن تن کي پڪڙيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ علي زيدي چيو ته وزيراعظم چيو هو ته ڏکيائي ٿيندي، ڏکيائي ته مون کي به ٿي رهي آهي، وزير جي پگهار به ڪنهن کان لڪل ناهي، هي وقت قوم لاءِ مشڪل آهي پر ٿوري ڏکيائي برداشت ڪئي وڃي، ٿورو صبر ڪيو وڃي ته اڳتي وقت سٺو آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے