20 ہفتہ , اکتوبر 2018

۽ ڊالر 134 رپين جو ٿي ويو….

تحريڪ انصاف جي حڪومت هاڻي ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي رهي آهي، گذريل ٻن مهينن دوران تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ جي معيشت کي سهارو ڏيڻ، قرض گهٽائڻ، مالياتي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ جيڪي به واعدا ڪيا هيا، انهن مان ڪو به واعدو وفا ٿي نه سگهيو آهي، ملڪ جي معيشت کي سنڀالڻ ۽ بحران مان ڪڍڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي اقتصادي ۽ معاشي ماهرن پڻ جيڪي به منصوبا پيش ڪيا اهي به جهڙوڪر ڪارگر ٿي نه سگهيا آهن، تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اها دعوى پئي رهي آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ جي وسيلن کي ڪتب آندو ويندو، ان لاءِ ڪوبه پرڏيهي قرض نه کڻبو، تحريڪ انصاف جي اهڙي دعوى به سچي ثابت ٿي نه سگهي، مجموعي طور تي ملڪ جي معيشت ۾ سڌاري جو اهڃاڻ ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ۽ تباهين ۽ زوال جا ڪيئي اشارا ملي رهيا آهن.

اطلاع آهن ته گذريل ڏينهن، پهرين ڪاروباري ڏينهن تي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ تمام وڏي پئماني تي اٿل پٿل رهي جيڪا مجموعي طور تي ڪاروباري لاٿ تي پوري ٿي. پهرين ڏينهن جي ڪاروبار دوران پهرين سيشن ۾ هنڊريڊ انڊيڪس وڌ کان وڌ 39 هزار جي سطح تي پهتي، جنهن سبب انڊيڪس ۾ 1300 پوائنٽن جي لاٿ ٿي ۽ اها 37 هزار جي سطح تي اچي پهتي. ڪاروباري انڊيڪس ۾ 1300 پوائنٽس جي لاٿ جي نتيجي ڪري مارڪيٽ ۾ ڪيپٽلائيزيشن جو مقدار 500 ارب رپين تائين گهٽجي ويو.

اسٽاڪ ايڪسچينج جي اهڙي ڪاروباري ٻاڙائي سبب رپئي جي قيمت ۾ انتهائي ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ملڪي تاريخ ۾ 27- سالن بعد رڪارڊ ڪئي وئي آهي رپئي جي قيمت ۾ لاٿ سبب انٽربينڪ ۾ ڊالر جو ملهه 134 رپين تائين پهتو جيڪو پڻ ملڪ جي تاريخ ۾ 27- سالن بعد ٿيو آهي، ڊالر جي ملهه ۾ اضافي سبب ملڪ جي معيشت کي جيڪو نقصان پهتو آهي ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ تي چڙهيل قرضن ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 900 ارب رپين جو واڌارو ٿي ويو آهي، جو ملڪ جي معيشت تي جيڪي به واجب الادا قرض آهن اهي ڊالرز ۾ آهن ۽ ڊالر جي قيمت گهٽ وڌ ٿيڻ سان انهن تي اثر پوڻ اڻ ٽر هوندو آهي.

ٻئي طرف معاشي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت متعلق آءِ ايم ايف تجزيو ۽ معيشت جي بحاليءَ لاءِ پيش ڪيل پلان تي پڻ اسٽاڪٽ مارڪيٽ کي ڳڻتي آهي. جڏهن ته رپئي جو ملهه ڪرڻ ڪري پرڏيهه مان تيل جي درآمد بعد هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي، ايتري قدر جو مهانگائي عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي.

اطلاع اهي به آهن ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جو باضابطا فيصلو ڪيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف سان فوري طور ڳالهيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته  قوم کي ڏکين معاشي حالتن جي خبر آهي، معاشي بحران مان نڪرڻ، اسان جي ترجيح آهي، جنهن لاءِ هڪ کان وڌيڪ وسيلا استعمال ڪنداسين. ملڪ جي معاشي بحالي لاءِ دوست ملڪن سان پڻ صلاح ڪريون پيا. حڪومت جي ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف کان معاشي بحران ختم ڪرڻ ۽ معيشت بحال ڪرڻ وارو پروگرام وٺون ان لاءِ ئي آءِ ايم ايف سان ڳالهايو ويندو. هُن جو وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کان 6 کان 7 ارب ڊالرن جي گهر ڪئي ويندي جيڪي ٽن سالن ۾ ملندا.

ملڪ جي بدحال معاشي صورتحال، عوام جي مهانگائي سبب عذاب بڻيل زندگي ۽ تحريڪ انصاف جون هن وقت تائين ملڪ جي معيشت بحال ڪرڻ لاءِ ڪيل ناڪام ڪوششون اهو ٻڌائي رهيون آهن ته صورتحال ٺيڪ نه آهي، نه صرف ايترو پر تاثر اهو اڀري رهيو آهي ته صورتحال انتهائي ٺيڪ نه آهي.

سوال هي نه آهي ته ملڪ تي قرضن جو بار وڌي رهيو آهي، ملڪ جي معيشت هر ايندڙ حڪومت ۾ تباهيءَ جي طرف وڌندڙ آهي، ماڻهن تي مهانگائي جو عذاب مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ مجوعي طور تي سڄي ملڪ ۾ انساني ترقيءَ جو عمل جهڙوڪر رڪجي ويو آهي، اهي ڳالهيون سوچڻ جهڙيون ضرور آهن، پر اسان جي آڏو اهي ڳالهيون اهڙيون نه آهن جيڪي سوالن جي پيرائي ۾ ڪري سگهجن، اسان جي لاءِ سوال جي پيرائي جي اهم ترين ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مجموعي صورتحال جو ذميوار ڪير آهي.

موجوده صورتحال پنهنجي حوالي سان ڪيئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي، جن ۾ ڪيئي سوال اهم ٿي سگهن ٿا، ڇا؟ ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪن قابل ادارن جي کوٽ آهي، يا ڪن قابل ماڻهن جي کوٽ آهي، ڇا؟ جو گذريل ستر سالن کان هي ملڪ مورڳو هڪ  سڌي راهه تي گامزن ٿي نه سگهيو آهي، ملڪ جي نه معيشت ترقي ڪري سگهي آهي، نه تعليم بهتر ٿي آهي، نه صحت جو معيار بهتر ٿيو آهي ۽ نه ئي وري عدل انصاف جو سرشتو سڌريو آهي، ملڪ جي مجموعي ترقي ان ملڪ جي مجموعي انساني ترقيءَ مان ڏٺي ويندي آهي، پر هتي هر شعبي ۾ صورتحال انتهائي بدتر آهي.

اسان هن موقعي تي نه ته حڪومت کي ڪا صلاح ڏينداسين ته معيشت جي بحاليءَ ۽ ترقيءَ لاءِ هي ڪيو يا هو ڪيو ۽ نه ئي ڪو مشورو ڏينداسين، اسان فقط هڪڙي آگاهي ڏينداسين ته ملڪ جي مجموعي بدحالي هاڻي انهيءَ منزل تي پهچي وئي آهي جنهن کان اڳتي شايد تباهي پنهنجو اصل رنگ روپ ۽ نتيجو ڏيکارڻ شروع ڪري، تنهنڪري اسان جي انهن سمورين ڌرين، ادارن، قوتن، شصخيتن کي فقط اها صلاح آهي ته هاڻي گهڻو ٿيو، گهڻو ٿيو معنى گهڻو ٿيو. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فقط ۽ فقط مجموعي ملڪي جي تناظر ۾ پنهنجو، پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي جو سڀاڻي پرئينءَ جيڪي به صورتحال ٿيندي انهن جي ذميواري اوهان تي هوندي….عوام تي نه، ڪنهن صوبي تي نه ۽ نه ئي ڪنهن پارٽيءَ تي…

اربع 10 آڪٽوبر 2018ع، 29 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

آڪٽوبر انقلاب، اميدون ٽٽيون ناهن…

انسان ذات جڏهن کان شعوري طور تي هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان ڪيئي جنگين ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے