16 منگل , اکتوبر 2018

هيلري ڪلنٽن پاران ملالا يوسفزئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

Good luck for Malala Yousufzai by Hillary Clintonنيويارڪ ( ويب ڊيسڪ) ملالا يوسفزئي سان پيش آيل دهشتگرديءَ واري واقعي کي 6 سال گذري چڪا آهن، ان عرصي دوران سندس بهادري ۽ عزم ۽ همت جي تعريف ڪندي اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن سوشل ميڊيا تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گذريل ڏينهن هيلري ڪلنٽن انسٽاگرام تي ملالا جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته 6 سال اڳ طالبان پاڪستان جي اتر واري علائقي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کي ڏوهه سمجهندي ملالا يوسفزئي تي اُن وقت گولي هلائي، جڏهن هوءَ اسڪول وڃڻ لاءِ بس ۾ سوار ٿي رهي هئي. هن لکيو ته ملالا جو انصاف لاءِ پُرعزم ٿيڻ سڄي دنيا جي ڇوڪرين جي آواز کي اڳتي وڌائڻ آهي، جيئن هوءَ پاڻ چئي چڪي آهي ته جيڪڏهن  هڪ مڙد سڀ ڪجهه تباهه ڪري سگهي ٿو ته هڪ عورت سڀ ڪجهه ڇو نٿي بدلائي سگهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

خانگي اسڪول پنهنجا آڊٽ اڪائونٽ پيش ڪن، مناسب في مقرر ڪنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي آدٽ اڪائونٽس جمع ڪرائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے