17 ہفتہ , نومبر 2018

العزيزيه ڪيس: فريادي ڌر جي آخري شاهد کان آڏي پڇا جاري

Al-Zawahida case: Quarantine question issued by the Farid party's last witnessA.اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ۾ قومي احتساب بيورو ( نيب ) طرفان داخل العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ فريادي ڌر جي آخري شاهد محبوب عالم کان آڏي پڇا ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به عدالت ۾ موجود آهي. ريفرنس جي ٻڌڻي نمبر ٻه عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ ڪري رهيو آهي. نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث فريادي ڌر جي شاهد کان آڏي پڇا ڪري رهيو آهي. فريادي ڌر جي شاهد محبوب عالم عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف خاندان جي ڪمپنين جي شيئرن جي ورهاست سان واقفيت رکندڙ ڪنهن فرد جو بيان قلمبند ناهي ڪيو ويو، سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج پاڪستان ( ايس اي سي پي) مان مهراڻ رمضان ٽيڪسٽائل مل جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو پر ڄاڻايل مل جي شيئرن جي ورهاست سان واقفيت رکندڙ ڪنهن فرد جو بيان قلمبند ناهي ڪيو. جاچ آفيسر فريادي ڌر جي شاهد عدالت کي ٻڌايو ته شريف خاندان کي جون ڪهڙيون ڪمپنيون بند ٿي چڪيون آهن ڪهڙيون آپريشنل آهن، ان حوالي سان جاچ ناهي ڪئي وئي ۽ ڪنهن شاهد به بيان ناهي ڏنو ته حسين ۽ حسن نواز هل ميٽل اسٽيبلشمنٽ ( ايڇ ايم اي) جي قائم ڪرڻ ۾ نواز شريف مدد ڪئي. محبوب عالم جو چوڻ هو ته نواز شريف جي قوم ۽ قومي اسمبلي جي خطاب جي ڊي وي ڊي تيار ڪندڙ جو بيان قلبند ناهي ڪيو ۽ کيس ڊي وي ڊي تيار ڪندڙ شخص جي نالي جي به ڄاڻ ناهي. هوڏانهن ٽرائل جي مدو مڪمل ٿيڻ بعد احتساب عدالت مدي واڌ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. ان کان اڳ نواز شريف ۽ سندس ٻارن خلاف ٽرائل مڪمل ڪرڻ واري ڊيڊ لائين پنج ڀيرا واڌ ٿي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے