16 منگل , اکتوبر 2018

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليو جي موجودگي جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سامهون ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليو وائرس موجود آهي. وڏي وزير جي زير صدارت انسداد پوليو جي باري ۾  اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير صحت ، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين عهديدار شرڪت ڪئي. اجلاس دوران انسداد پوليو پروگرام انچارج فياض جتوئي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سيپٽمبر مهيني ۾ ڪراچي جي 11 هنڌن تان پوليو جا نمونا ورتا ويا، هن ٻڌايو ته گلشن اقبال، سهراب ڳوٺ چڪورهه نالهه ،محمد خان ڪالوني بلديه اورنگي نالهه مان ورتل نمونن جا مثبت نتيجا آيا آهن. بريفنگ جي دوران انهن ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ سنڌ جي شهر سکر ۾ به پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ته اپريل کان سيپٽمبر 2018 جي وچ ۾ ڪراچي ۾ هڪ لک 18 هزار 500 سئو ٻارن جي والدين جي انڪار جي سبب انهن پوليو جي ويڪسين نه ڏئي سگهجي. اهڙي طرح ان 6 مهينن ۾ 96 هزار 9 سئو 6 ٻار گهرن ۾ نه هجڻ جي سبب ويڪسين کان محروم رهيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڏيهي سنڌ جي علائقن ۾ 88 هزار 4 سئو 64 ٻار گهرن ۾ نه هجڻ سبب پوليو جي ويڪسين کان محروم رهيا ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته الله جو ڪرم آهي هن سال سنڌ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۽ افغانستان صرف ٻه ملڪن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، پر اصل ۾ اسان جي حڪومت جو عزم آهي ته پوليو جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته اسڪولن ۾ پوليو جو ٽيمون موڪليون وڃن ۽ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارا وڃڻ اسان کي پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪري پوليو کي پاڙ کان ئي ختم ڪرڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

October 15 is Global Handwashing Day — an opportunity for all of us to feel slightly ashamed about our hand hygiene.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڄ سڄي دنيا ۾ هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو …