16 منگل , اکتوبر 2018

ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙغزل جي بادشاهه جگجيت سنگهه کي مداحن کان وڇڙئي 7 ورهيه وهامي ويا

Song of King Jagjit Singh went to for 7 years

ممبئي(رپورٽ ايس ايس ) ننڍي کنڊ جو ناليواري راڳي ۽ غزل جي بادشاهه جگجيت سنگهه  کي مداحن کان وڇڙئي 7 ورهيه وهامي ويا، جگجيت سنگهه 8 فيبروري 1941ع تي ڀارتي رياست راجستان جي علائقي شري گنگا نگر ۾ پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم گنگا نگر ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن جي ڊگري ڊي اي وي ڪاليج جالنڌر مان حاصل ڪئي ۽ هريانه جي ڪرڪ شاسترا يونيورسٽيءَ مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي، کيس ننڍي هوندي کان ئي فن ۾ دلچسپي هئي ۽ ان مقصد لاءِ هن پنڊت چنگن لال شرما وٽان فيض حاصل ڪيو، جگجيت سنگهه ڪلاسيڪي موسيقي جي تعليم استاد جمال خان وٽان حاصل ڪئي، هن اهڙي دؤر ۾ غزل جي دنيا ۾ قدم رکيو هو جڏهن ته ان ميدان ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا جڳ مشهور غزل ڳائڻا موجود هئا پر تنهن هوندي به هن تمام گهٽ عرصي ۾ پنهنجي اهميت مڃرائي، ڀارت جي فلم نگريءَ ۾ جگجيت سنگهه واحد ميوزڪ ڊائريڪٽر هو جنهن ملٽي ٽريڪ رڪارڊنگ سسٽم جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجي البم “بيانڊ ٽائم” ۾ هن ان ٽيڪنڪ جو استعمال ڪيو، ٻين غزل ڳائڻن وانگر جگجيت سنگهه فلمن لاءِ گانا ۽ غزلن ڳائڻ کان پاسو نه ڪيو، 70ع واري ڏهاڪي جي آخري حصي ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ هن فلمن لاءِ ڪيتريون ئي غزلون ۽ گانا ڳايا، 80ع جي ڏهاڪي فلم “پريم گيت”، “ساٿ ساٿ” ۽ “ارٿ” ۾ سندس ڳايل گانن ۽ غزلن ڌوم مچائي ڇڏي. جگجيت سنگهه 60 کان وڌيڪ فلمي ۽ غير فلمي البم رڪارڊ ڪرايا، ان کان سواءِ جڳ مشهور ڊرامي “مرزا غالب” ۽ “ڪهڪشان” کيس عالمي سطح تي مقبوليت ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن ناليواري غزل ڳائڻي چترا سنگهه سان شادي ڪئي ۽ هن سان گڏ ڪيترائي البم رڪارڊ ڪرايا، بعد ۾ ٻنهي وچ ۾ علحدگي ٿي وئي، ٻنهي جو اڪيلو پٽ 21 سالن جي عمر ۾ 1990ع ۾ روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو هو. غزل جي دنيا جو هي بادشاهه گائڪ 10 آڪٽوبر 2011 تي 70 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ جي اسپتال  ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس چاهيندڙ اڄ کيس پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

آلوڪ ناٿ جي زال مڙس تي الزامن خلاف عدالت پهتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار آلوڪ ناٿ جي گهرواري اشو ناٿ پنهنجي مڙس تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے