16 منگل , اکتوبر 2018

اداڪاري سان گڏوگڏ مهوش حيات ويب سريز ۾ گلوڪاري به ڪندي

Along with acting, Mehsud Hayat will also sing in singlesڪراچي ( شوبز نيوز ) لالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا مهوش حيات هاڻ ويب سريز لاءِ گلوڪاري ڪندي نظر ايندي. فلم ڪراچي سي لاهور ۽ لاهور سي آگي جهڙين ڪامياب فلمون ٺاهيندڙ وجاهت رئوف ويب سريز ٺاهي رهيو آهي، جنهن جي مرڪزي ڪردار لاءِ هن ادڪارا مهوش حيات ۽ ادڪار اسد صديقي جي چونڊ ڪئي آهي. وجاهت رئوف ويب سريز ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارن جي حوالي ۾ ته اڳواٽ ئي سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو هو، پر هاڻ هن آگاهه ڪيو آهي ته مهوش حيات ويب سريز لاءِ گلوڪاري به ڪري رهي آهي. وجاهت رئوف انسٽاگرام تي مهوش حيات سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪندي آگاهه ڪيو ته ويب سريز جي گيت جي رڪارڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪو مهوش حيات ڳائي رهي آهي. مهوش حيات هن وقت سريز جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ پهريون ڀيرو مرڪزي ڪردار ۾ اسد صديقي اداڪاري جا جوهري ڏيکاريندو. في الحال ان ويب سريز جي ٽائيٽل جي حوالي سان تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا پر امڪان آهي ته تمام جلد ان جي ٽائٽل جو اعلان ڪيو ويندو. ياد رهي ته مهوش حيات ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 9 ۾ ڊيبيو گيت تو هي تو ڳايو هو. ان کانسواءِ هن آمريڪي رياست ايروزونا ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران پاپ ڪوئن نازيه حسن کي ڀيٽا به پيش ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آلوڪ ناٿ جي زال مڙس تي الزامن خلاف عدالت پهتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار آلوڪ ناٿ جي گهرواري اشو ناٿ پنهنجي مڙس تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے