16 منگل , اکتوبر 2018

ننڍپڻ ۾ سانوري هجڻ جا مهڻا ملندا هئا: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي پريانڪا چوپڙا  انڪشاف ڪيو آهي ته سانوري هجڻ سبب ننڍپڻ ۾ مون کي مختلف نالن سان ڏسي تنگ ڪيو ويندو هو. عالمي رسالي کي انٽرويو ڏيندي پريانڪا چوپڙا پنهنجي زندگي ۾ پيش آيل مختلف واقعن جو ذڪر ڪيو. سندس چوڻ هو ته مان ڪا سپر هيرو ناهيان، جنهن کي ٻين جي ڳالهين جو برو نه لڳي يا ڪنهن ڳالهه جو خوف نه هجي، مان به پريشان ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿيندي آهيان. هن چيو ته ننڍپڻ ۾ مون کي پاڻ تي اعتماد نه هوندو هو، جنهن جو سبب منهنجو سانورو رنگ هو، ڀارت ۾ سانورن ماڻهن کي خوبصورتيءَ ۾ شمار ناهي ڪيو ويندو، تنهن ڪري مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو ويندو هو پر ان سان مون کي اڳتي وڌڻ جو حوصلو مليو ۽ پاڻ تي يقين رکيم، ڇو ته جيڪڏهن توهان جو پاڻ تي يقين هجي ته دنيا به توهان تي يقين ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي. پريانڪا چوپڙا موجب مان پاڻ کي سمجهايو ته ڪنهن کان گهٽ ناهيان، مون کي ڪو فرق نه پوڻ گهرجي ته مان ڪيئن نظر اچي رهي آهيان، فرق ان ڳالهه جو پوندو آهي ته مان پاڻ کي ڪيئن ٿي اڳتي وٺي هلان ۽ اها ئي ڳالهه ٻين کي سمجهائڻ چاهيان ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آلوڪ ناٿ جي زال مڙس تي الزامن خلاف عدالت پهتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار آلوڪ ناٿ جي گهرواري اشو ناٿ پنهنجي مڙس تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے