16 منگل , اکتوبر 2018

عامر خان پاران جنسي هراساني ۾ ملوث هدايتڪار جي فلم ڇڏڻ جو اعلان

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان هراساني ۾ ملوث هدايتڪار جي خلاف وڏو قدم کڻندي فلم ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بالي ووڊ” مي ٽو“ مهم تحت جتي عورتون پاڻ سان ٿيل زيادتي تي آواز اٿاري رهيو آهن اتي ان انڊسٽري سان تعلق رکڻ واري ٻين ماڻهن ان مهم جي حمايت ڪندي نطر اچي رهي آهن.هن ٽائيم عامر خان ۽ ان جي گهر واري ڪرن رائو عورتون کي جنسي هراسان ڪرڻ جي معاملي تي آواز اٿاريندي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ جنسي هراساني ۾ ملوث هدايت ڪار جي فلم ڇڏڻ جو علان ڪيو آهي. اداڪار جو چوڻ آهي ته ”عامر خان پروڊيڪشن ڪمپني هميشه جنسي هراساني ۽ بدسلوڪي جي خلاف عدم برداشت جي پاليسي اپنائي آهي، اسان هر طرح جي جنسي هراساني جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا، عامر خان پنهنجي ايندڙ فلم جي حوالي سان لکيو آهي ”مي ٽو“ مهم سامهون اچڻ کان پوءِ اسان کي خبر پئي آهي ته جنهن هدايتڪار سان گڏ اسان پنهنجو ايندڙ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وارا آهيو ان تي به اهڙي طرح جا الزام آهن جڏهن ته وڌيڪ ڄاڻ معلوم ڪرڻ تي علم ٿيو ته مسئلو عدالت ۾ آهي. اداڪار چيو ته اسان ان ڪيس جو ڪو به نتيجو اچڻ کان پهريان پاڻ کي ان فلم کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ عورتون گهڻي عرصي کان جنسي هرساني جو شڪار ٿي رهيون آهن. هاڻي ان عمل کي بند ٿيڻو پوندو. اسان پنهنجي فلم انڊسٽري کي محفوظ ۽ پر امن بڻائڻ لاءِ ڪجهه به ڪنداسين، عامر خان چيو ته هن تحريڪ تي يقين رکون ٿا جنهن  ماڻهن کي پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍائي خلاف کلي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو آهي. عامر خان پنهنجي پوسٽ ۾ نه فلم جو نالو ٻڌايو ۽ نه ئي ان هدايتڪار جو جنهن تي جنهن هراساني جو الزام آهي جئين ته ميڊيا  موجب عامر خان” فلم جولي ايل ايل بي“ جي هدايت ڪار سهباش ڪپور سان گڏ ايندڙ فلم”موگول“ جو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وارو هو. 2014 ۾ ان تي عورت جنسي هراساني جو الزام لڳايو هو ۽ ي مسئلو هاڻي تائين عدالت ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آلوڪ ناٿ جي زال مڙس تي الزامن خلاف عدالت پهتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار آلوڪ ناٿ جي گهرواري اشو ناٿ پنهنجي مڙس تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے