16 منگل , اکتوبر 2018

انگلش وڪيٽ ڪيپر فلِ سالٽ لاهور قلندر جي دعوت تي پاڪستان ايندو

English will come to Pakistan on the invitation of Phil Salt Lahore Qalandarلاهور(اسپورٽس نيوز ) لاهور قلندر جي ڪوچ ۽ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ عاقب جاويد چيو آهي ته انگلينڊ جو وڪيٽ ڪيپر فل سالٽ جلد پاڪستان اچي لاهور قلندر اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندو. انگلينڊ جو 22 ورهين جو وڪيٽ ڪيپر فل سالٽ انگلش ڪائونٽي سسڪس لاءِ کيڏندو آهي ۽ هن گذريل هفتي ابوظهبي ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ لاهور قلندر جي نمائندگي ڪئي هئي. فل سالٽ عاقد جاويد سان پاڪستان اچي فرنچائز جي اڪيڊمي ۾ تربيت جي خواش جو اظهار ڪيو هو، جنهن تي عاقب جاويد کيس جلد پاڪستان گهرائڻ جو واعدو ڪيو هو. ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ فل سالٽ جولائي 2016 ۾ پاڪستان خلاف سسڪس طرفان کيڏندي فرسٽ ڪلاس ڊيبيو ڪيو هو. عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته چيف ايگزيڪٽو عاطف رانا فل سالٽ کي پاڪستان گهرائڻ جي حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي پر جيئن ته اسان لاهور قلندر ڊيويلپمنٽ اسڪواڊ کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن آسٽريليا وٺي وڃي رهيا آهيون، تنهنڪري واپس اچي فل سالٽ کي لاهور قلندر جي اڪيڊمي گهرائڻ جو فيصلو ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يو ايف سي چيمپيئن خبيب، فلائڊ مي ويدر کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاس ويگاس( اسپورٽس نيوز ) مڪس مارشل آرٽ الٽيميٽ فائٽنگ چيمپيئن ( يو ايف سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے