16 منگل , اکتوبر 2018

دبئي ٽيسٽ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڊرا ٿي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي. آخري ڏينهن ميچ کٽڻ لاءِ پاڪستان کي 7 وڪيٽون، جڏهن ته آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ  326 رنسون گهربل هيون ۽ مهمان ٽيم بچاءَ وارو انداز اختيار ڪندي ميچ ڊرا ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهي. 462 رنسن جي ٽارگيٽ پويان آسٽريلوي ٽيم آخري ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين 8 وڪيٽن جي نقصان تي 362 رنسون ٺاهيون. پنجين ڏينهن راند شروع ٿي ته عثمان خواجا 50 ۽ ٽريوس هيڊ 34 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا ۽ ٻنهي وچ ۾ 132 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، جنهن کانپوءِ 72 رنسون ٺاهيندڙ هيڊ کي محمد حفيظ پويلين جي راهه ڏيکاري، جڏهن ته نئون ايندڙ بيٽسمين ليبسچگني به 13 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو. ڇهين وڪيٽ لاءِ عثمان خواجا ۽ ڪپتان ٽم پين محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪئي ۽ اوپننگ بيٽسمين 141 رنسون ٺاهي ياسر شاهه جو شڪار بڻيو، جنهن کانپوءِ ياسر شاهه پيٽر سڊل ۽ مچل اسٽارڪ کي به پويلين روانو ڪري ڇڏيو پر ٽم پين ڪريز تي ڄمي ويو ۽ نيٿن ليون سان گڏجي ٽيم کي وڌيڪ ڪنهن نقصان کان بچائيندي ميچ ڊرا ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو. آسٽريلوي ڪپتان 194 بالن تي 61 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو. پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ ياسر شاهه 4، محمد عباس 3 ۽ محمد حفيظ هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 482 رنسون ۽ ٻي اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 202 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے