16 منگل , اکتوبر 2018

قتل ڪيس ۾ 6 ڀيرا ڦاهي جي سزا مليل ن ليگي ايم اين اي عابد رضا آزاد

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت طرفان 6 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ 6 ڀيرا ڦاهي جي سزا مليل نون ليگي ايم اين اي عابر رضا کي آزاد ڪيو ويو. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار محمد شميم خان ۽ جسٽس شهباز رضوي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 6 ڄڻن جي قتل ۾ موت جي سزا مللي ڏوهاري ن ليگي ايم اين اي عابد رضا جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت سزا جي حوالي سان فيصلو ٻڌائيندي ن ليگي ايم اين اي کي آزاد ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين ۾ راضي نامي جي بيناد تي عابد رضا کي آزاد ڪيو. ياد رهي ته راضي نامي هئڻ جي بنياد تي هاءِ ڪورٽ عابد رضا کي ڪيس مان آزاد ڪيو هو پر سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪيس واپس هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪليو هو ان نقطي تي ٻڌڻي ڪئي وڃي ته دهشتگردي جي قلمن جي تحت ڪيس ۾ راضي نامي جي بنياد تي ڇا ڪنهن ڏوهاري کي آزاد ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے