22 جمعہ , فروری 2019

پاڪستان جي ڪرپشن انڊيڪس ۾ لاڳيتي گهٽتائي آئي آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي، جنهن جي ڪرپشن انڊيڪس ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي. نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته سارڪ ملڪ ڪرپشن خلاف نيب جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪن ٿا، نيب جي بهترين ڪارڪردگي سبب پاڪستان کي سارڪ اينٽي ڪرپشن فورم جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ ڪرپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو نمبر 175 کان 116 تي اچي ويو آهي، جنهن ۾ نيب جو اهم ڪردار آهي. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب جي ڪارڪردگي سڀني سامهون آهي، اسان جو ڪم ۽ مقصد ڪرپشن خلاف جنگ آهي ۽ ان جو خاتمو ڪري ئي ساهه پَٽينداسين. نيب چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ چين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن ۽ هاڻ گڏيل طور ان تي ڪم به ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے