16 منگل , اکتوبر 2018

ميئر سان اختيارن جا مسئلا ناهن، گڏجي ڪم ڪنداسين: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته اختيارن جا مسئلا ناهن، ان تي ڪو جهيڙو ناهي ٿيو. گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته تاثر ڏنو پئي ويو ته مڪاني ادارن جو وزير ميئر سان ملاقات نٿو ڪري، وسيم اختر سان ملاقات کانپوءِ اهو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي، ان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، ٻين شهرن ۾ وڃي به چونڊيل نمائندن سان ملاقات ڪندس. سندس چوڻ هو وسيم اختر کي خاطري ڪرائي آهي ته ڪا زيادتي نه ٿيندي، قانون موجب ميئر کي هر شئي فراهم ڪئي ويندي، مسئلن جو حل پهرين ترجيح آهي، گڏجي ڪم ڪنداسين. وسيم اختر چيو ته جيڪي به مسئلا آهن، انهن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار ڪندس، اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے