22 پیر , اکتوبر 2018

اسيمبلي ميمبرن بدران مڪاني ادارن جي نمائندن کي ترقياتي فنڊ ڏينداسين: عليم خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي جي ترقي بابت سينيئر وزير عليم خان جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبرن بدران مڪاني ادارن جي ميمبرن کي ترقياتي فنڊ ڏينداسين. سالياني ترقياتي پروگرام جو 30 سيڪڙو حصو مڪاني ادارن جا نمائندا استعمال ڪندا. تفصيل موجب ورلڊ بينڪ جي 3 رڪني وفد پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڊائريڪٽر ورلڊ بينڪ لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار تي بريفنگ ڏني. عليم خان جو چوڻ آهي ته هائوسنگ سيڪٽر ۾ مضبوط منصوبابندي سان معيشت مضبوط ٿيندي، گذريل حڪومت جا اڪثر منصوبا معيشت تي بار هئا، پنجاب ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪنداسين. هن چيو ته منصوبن لاءِ چيڪ اينڊ بيلنس سان مانيٽرنگ سسٽم ضروري آهي، وزير اعظم تي ٻين ملڪن جي اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسيمبلي ميمبرن بدران مڪاني ادارن جي نمائندن کي ترقياتي فنڊ ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے