16 منگل , اکتوبر 2018

ٿر ۾ وڌيڪ چار ٻارڙا فوت، هلندڙ مهيني جو انگ 52 ٿي ويو

مٺي(ويب ڊيسڪ) ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مرضن سبب متاثر ٻارڙن جي موت جو سلسلو جاري آهي، اڄ چار ٻار مٺي جي سرڪاري اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويا. تفصيل موجب ٿر ۾ ٻارن جي موت جو انڌو سلسلو جاري آهي، اڄ فوت ٿيلن ٻارن کي گڏائي هلندڙ مهيني ۾ فوتي ٻارن جو انگ 52 ٿي ويو آهي. مٺي اسپتال ذريعن موجب هلندڙ سال مٺي جي اسپتلا ۾ علاج لاءِ آيل 516 ٻار لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته اسپتال ۾ هن وقت به 80 ٻار علاج هيٺ آهن. ياد رهي ته پنج ڏينهن اڳ چيف جسٽس آف پاڪستنا ٿر ۾ ٻارن جي موت جو نوٽيس ورتو هو، اڄ ان نوٽيس تي ڪارروائي ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار حڪم ڏنو ته ٿر ۾ هاڻ خوراڪ جي کوٽ سبب هڪ به ٻار نه مرندو، آئون پاڻ آڇر جي ڏينهن علائقي جو دورو ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے